ايراني صدر مسعود پزشڪيان چيو آهي تہ لبنان ۾ اسرائيلي حملا جنگبندي معاهدي جي ڀڃڪڙي آهن۔
ايراني صدر شهيد آيت الله علي خامنه اي جي چهلم جلوس ۾ شرڪت ڪئي ۽ عوام سان خطاب ڪندي چيو تہ لبنان تي حملا جنگبندي ڳالهين کي بي معنيٰ بڻائي ڇڏيندا، ايران لبناني عوام کي اڪيلو نہ ڇڏيندو۔
هن چيو تہ لبنان ۾ اسرائيلي حملا جنگبندي معاهدي جي ڀڃڪڙي آهن، اهو دوکي بازي ۽ امڪاني معاهدن سان وابستگي جي کوٽ جي خطرناڪ نشاني آهي۔
ايران جي شهيد سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي جي چهلم جي موقعي تي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ وڏا اجتماع منعقد ڪيا ويا، اصفهان جي نقشِ جهان اسڪوائر تي هزارين ماڻهن گڏجي قومي ترانو پڙھيو، جنهن جي آواز سان سڄو علائقو گونجي اٿيو۔
ٻئي طرف ترڪيہ جي صدر طيب رجب اردوان، ايراني صدر مسعود پزشڪيان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهہ ڪئي ۽ چيو تہ پاڪستان ۾ ٿيندڙ آمريڪا-ايران ڳالهين کي پائيدار امن لاءِ استعمال ڪيو وڃي ۽ انهن ڳالهين مان وڌ کان وڌ فائدو وٺي ڊگهي مدي وارو امن حاصل ڪيو وڃي۔………..