لاهور (ويب ڊيسڪ): پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) قومي ڪرڪيٽرن کي پرڏيهي ڪرڪيٽ ليگز ۾ شرڪت لاءِ نو آبجيڪشن سرٽيفڪيٽ (اين او سي) جاري ڪري ڇڏيا آهن.
پي سي بي پاران حسن نواز، حنين شاهه، نسيم شاهه ۽ عثمان خان کي ڪيريبين پريميئر ليگ (سي پي ايل) لاءِ اين او سي جاري ڪيا ويا آهن.
ان کان علاوه معاذ صداقت، صاحبزاده فرحان، سفيان مقيم ۽ شاداب خان کي پڻ سي پي ايل کيڏڻ لاءِ اجازت ناما جاري ڪيا ويا آهن. انهن ڪرڪيٽرن کي 19 آگسٽ کان 21 سيپٽمبر تائين اين او سي ڏنا ويا آهن.
اسپنر نعمان علي کي لنڪا شائر ڪائونٽي لاءِ 27 سيپٽمبر تائين اين او سي جاري ڪيو ويو آهي، جڏهن ته وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد حارث کي 7 آگسٽ کان 20 سيپٽمبر تائين سي پي ايل کيڏڻ جي اجازت ڏني وئي آهي.
مسٽري اسپنر عثمان طارق کي 8 آگسٽ کان 18 سيپٽمبر تائين سي پي ايل ۾ شرڪت لاءِ اين او سي جاري ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اساما مير کي 7 آگسٽ کان 21 سيپٽمبر تائين سي پي ايل کيڏڻ جي اجازت ملي وئي آهي.