معصوم نينگري کي مبينا زيادتي بعد پاڙيسري جي گهر جي ڇت تي اڇلائي جوابدار فرار ٿي ويو، ماءُ جي فرياد تي ڪيس داخل، پوليس پاران ڳولا شروع
فيصل آباد ۾ 8 ورهين جي معصوم گهريلو ملازمه سان مبينا زيادتي جو افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي، جتي گهر جي ڊرائيور تي نينگري کي زيادتي جو نشانو بڻائڻ جو الزام لڳايو ويو آهي.
پوليس موجب جوابدار مبينا طور نينگري سان زيادتي ڪرڻ بعد کيس پاڙيسري جي گهر جي ڇت تي اڇلائي فرار ٿي ويو.
واقعي کانپوءِ متاثر نينگري کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته جوابدار ڊرائيور واقعي بعد فرار آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته متاثر نينگري جي والده جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڳولا شروع ڪئي وئي آهي.