اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير محسن نوقي غيرقانوني طريقي سان پاڪستاني شهرت حاصل ڪندڙن کي قومي ڊيٽا مان خارج ڪرڻ جي هدايت جاري ڪري ڇڏي آهي۔
وفاقي گهرو وزير نادرا ھيڊڪوارٽر جو دورو ڪيو، جتي اجلاس دوران نادرا چيئرمين اداري جي ڪارڪردگي، جاري ۽ ايندڙ منصوبن بابت آگاهي ڏني، تہ گهرو وزير نادرا جي ڪارڪردگي ۽ عوامي خدمتن کي ساراهيو۔
ان موقعي تي گهرو وزير غيرقانوني شهريت رکندڙ ماڻهن کي قومي ڊيٽابيس مان خارج ڪرڻ جي هدايت ڪئي۔
محسن نقوي چيو تہ گذريل ٻن سالن ۾ نادرا جي خدمتن ۾ سڌارو آيو آهي ۽ نادرا جا جديد آفيس ڪرائي جي عمارتن بدران پنهنجي ملڪيت تي تعمير ڪيا وڃن، ان سلسلي ۾ هن ماسٽر پلان پڻ طلب ڪيو۔
گهرو وزير لاڳاپيل ادارن سان رابطو ۽ وزارتي سطح تي سهڪار جي خاطري پڻ ڪرائي۔
نادرا چيئرمين بريفنگ ۾ ٻڌايو تہ شهرين کي سهولتون بهتر بڻائڻ لاءِ ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن، بايوميٽرڪ تصديق لاءِ چهري جي سڃاڻپ وارو نظام لاڳو ڪرڻ لاءِ ٻين ادارن جي سهڪار جي ضرورت آهي۔
بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو تہ نادرا پاران لکين فوت ٿيل ماڻهن جا سڃاڻپ ڪارڊ رد ڪيا ويا آهن، سڃاڻپ ڪارڊ سان لاڳاپيل مسئلن جي حل لاءِ 30 ڏينهن جو وقت مقرر ڪيو ويو آهي، پي ٽي اي جي سهڪار سان فوت ٿيل ماڻهن جي نالي تي جاري ٿيل موبائل سمون بلاڪ ڪيون پيون وڃن۔……..