عالمي مارڪيٽن ۾ تيل جي قيمتن خطرناڪ حد تائين واڌ ٿي آھي، جتي برينٽ ڪروڊ ماهوار واڌ ڏانهن وڌي رھيو آهي، جڏھن تہ جنگ جي پکڙجڻ سبب سڄي دنيا ۾ توانائي بحران جا خدشا وڌي ويا آهن۔
عالمي خابرو اداري موجب اڄ برينٽ ڪروڊ جي قيمت 3.09 ڊالر واڌ سان 115.66 ڊالر في بيرل تي پهچي وئي آهي، جڏھن تہ ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ بہ وڌي 102.56 ڊالر في بيرل تائين ٿي ويو آهي۔
رڳو هڪ مهيني دوران برينٽ ۾ 59 سيڪڙو جو غير معمولي اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جيڪو 1990ع جي نار جنگ کانپوءِ سڀ کان وڏو اضافو قرار ڏنو پيو وڃي۔
ماهرن موجب هن حيران ڪندڙ واڌ جو وڏو سبب آبنائي هرمز جي بندش آهي، جتان دنيا جو لڳ ڀڳ پنجون حصو تيل ۽ گيس گذري ٿو۔
جنگ سبب هاڻي خطرو رڳو نار تائين محدود ناهي رھيو، پر بحريہ احمر ۽ باب المندب جهڙا اهم واپاري رستا بہ خطري ۾ اچي ويا آهن۔
صورتحال ايتري تہ سنگين ٿي وئي جو يمن جي حوثي باغين پهريون ڀيرو اسرائيل تي حملا ڪيا، جنهن سان جنگ جو دائرو وڌي سڄي وچ اوڀر تائين پکڙجي ويو۔
حملن کانپوءِ عالمي شپنگ روٽس ۽ تيل جي پھچ سخت خطرن کي منهن ڏئي رھي آهي۔
ٻئي طرف سعودي عرب پنهنجي تيل برآمد جو رخ تبديل ڪندي ينبع پورٽ ذريعي روزانو 46 لک بيرل تيل جي فراھمي شروع ڪري ڇڏي آهي، پر ماهرن خبردار ڪيو آهي تہ جيڪڏھن هي رستو بہ متاثر ٿيو تہ سپلاءِ وڌيڪ بحران جو شڪار ٿي سگهي ٿي۔
ٻئي پاسي عمان جي صلالہ ٽرمينل کي بہ حملن ۾ نقصان پهچڻ جون خبرون آهن، جڏھن تہ ايران واضح ڪيو آهي تہ جيڪڏھن آمريڪا زميني حملو ڪيو تہ ڀرپور جواب ڏنو ويندو۔
پاڪستان طرفان بہ سفارتي سرگرميون تيز ڪيون ويون آهن، جنگ جي باهہ وسائڻ لاءِ سعودي عرب، ترڪيہ ۽ مصر جي پرڏيهي وزيرن گذريل ڏينهن پاڪستان ۾ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان ملاقات ڪئي۔
چئني پرڏيهي وزيرن خطي ۾ جنگ جي خاتمي ۽ آمريڪا-ايران جي امڪاني ڳالهين لاءِ قدمن تي غور ڪيو آهي۔
ماهرن جو چوڻ آهي تہ جيڪڏھن جنگ وڌيڪ پکڙجي وئي تہ تيل جون قيمتون بلند ترين سطح تي پھچي سگهن ٿيون، جنهن جا اثر عالمي معيشت تي انتهائي سخت پوندا۔…….