لائیو عالمي برادري طرفان ايران آمريڪا معاھدي کي ڀليڪار، پاڪستان جي ثالثي جي ساراھ

فہرستِ مضامین

لاهور: عالمي برادري ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ طئي ٿيل معاهدي کي ڀليڪار ڪندي پاڪستان جي ثالثي واري ڪردار کي ساراهيو آهي.

برطانيا جي وزيراعظم آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ طئي ٿيل امن معاهدي کي ڀليڪار ڪندي ان کي خطي ۾ جنگ جي خاتمي ۽ استحڪام جي بحالي ڏانهن هڪ اهم قدم قرار ڏنو. هن معاهدي لاءِ ثالثي واري عمل ۾ ڪردار ادا ڪندڙ ملڪن، خاص طور پاڪستان، قطر ۽ ٻين ڌرين جي ڪوششن کي ساراهيو.

قطر جي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ محمد بن عبدالرحمان آل ثاني پڻ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ مفاهمتي يادداشت جو خيرمقدم ڪيو.

هن سوشل ميڊيا پليٽفارم ايڪس تي جاري بيان ۾ چيو ته اسلامي جمهوريه پاڪستان ۾ پنهنجن ڀائرن جا دل جي گهراين سان شڪرگذار آهيون. قطر هن معاهدي جو خيرمقدم ڪري ٿو ۽ انهن سڀني علائقائي ۽ عالمي ڌرين جو ٿورائتو آهي جن هن معاهدي تائين پهچڻ لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو.

تيونس ۾ ايراني سفارتخاني آمريڪا ۽ ايران معاهدي ۾ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته تاريخ ڪڏهن ڪڏهن دلچسپ موڙ وٺندي آهي. سفارتخاني موجب ايران سان معاهدي لاءِ آمريڪي صدر کي هڪ ٻئي اسلامي جمهوريه ملڪ پاڪستان سان رابطو ڪرڻو پيو، جنهن کي تاريخي ستم ظريفي قرار ڏئي سگهجي ٿو.

ترڪي جي صدر رجب طيب اردگان معاهدي جو خيرمقدم ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته اها اڳڀرائي خطي ۾ پائيدار امن ۽ سلامتي جي قيام لاءِ راهه هموار ڪندي.

هن سڀني ڌرين تي زور ڏنو ته معاهدي تي صحيحن کان اڳ اهڙن بيانن، اشتعال انگيزين ۽ قدمن کان پاسو ڪيو وڃي جيڪي ڇڪتاڻ ۾ اضافي جو سبب بڻجي سگهن. هن امن عمل کي نقصان پهچائڻ وارين ممڪن ڪوششن خلاف به هوشيار رهڻ جي تلقين ڪئي.

جاپان جي وزيراعظم ساني تاڪائچي هن معاهدي کي وڏي اڳڀرائي قرار ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته مفاهمتي يادداشت تي مستقل ۽ اثرائتي نموني عملدرآمد ڪيو ويندو.

نيوزيلينڊ جي پرڏيهي وزير ونسٽن پيٽرز معاهدي تي جلد عملدرآمد جي اميد ظاهر ڪندي آبنائي هرمز جي بحالي کي اهم قرار ڏنو ۽ چيو ته سڀئي ڌريون هن مثبت اڳڀرائي کي برقرار رکن، جيتوڻيڪ صورتحال اڃا به نازڪ آهي.

فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون واشنگٽن ۽ تهران وچ ۾ معاهدي جو خيرمقدم ڪندي چيو ته آبنائي هرمز کي فوري ۽ بنا ڪنهن شرط جي ٻيهر کولڻ گهرجي.

آسٽريليا جي وزيراعظم انتھوني البانيز معاهدي تي خوشي جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته اهو پائيدار ۽ ڊگهي مدي واري امن جو سبب بڻجندو. هن چيو ته آبنائي هرمز مان جهازن جي آمدرفت جي مڪمل بحالي ۾ وقت لڳندو، پر ان جي بحالي توانائي جي قيمتن ۽ معيشتن تي دٻاءُ گهٽائڻ لاءِ انتهائي ضروري آهي.

برطانيا، فرانس، جرمني ۽ اٽلي گڏيل بيان ۾ چيو ته ايران کي جوهري هٿيار حاصل ڪرڻ جي اجازت نه هوندي. واضح ۽ قابلِ تصديق قدمن جي بنياد تي ايران تي لڳايل پابندين ۾ نرمي آندي ويندي، جڏهن ته آبنائي هرمز جو فوري ۽ بنا شرط کولجڻ ضروري آهي. يورپي ملڪن لبنان جي خودمختياري ۽ استحڪام جي مڪمل حمايت جو به اعادو ڪيو.

گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ٻنهي ملڪن کي معاهدي تي پهچڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته هي قدم تڪرار جي پرامن حل ڏانهن هڪ وڏو ۽ اهم اڳڀرائي وارو قدم آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں