ايران جي پرڏيھي وزير عباس عراقچي چيو تہ آھي شھري انفرا اسٽرڪچر تي آمريڪي حملن باوجود ايران ھٿيار ڦٽا نہ ڪندو.
ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي آمريڪي حملن ۾ تباهہ ٿيل پل جي تصوير سوشل ميڊيا تي شيئر ڪندي چيو تہ شهري ڍانچي تي اهڙن حملن سان ايران هرگز جُهڪي نہ سگهندو۔
هن وڌيڪ چيو تہ هر تباهہ ٿيل عمارت ۽ پل کي اڳ کان بہ وڌيڪ مضبوط بڻايو ويندو
ان کان اڳ آمريڪي صدر حملي کانپوءِ چيو ھو تہ ھو پل ھاڻي ڪڏھن بہ استعمال لائق نہ رھندي ۽ ايران سان اڃا گھڻو ڪجھ ٿيڻ وارو آھي، تنھنڪري ايران لاءِ وقت آھي تہ دير ٿيڻ کان اڳ معاھدو ڪري…….