سيڪيورٽي فورسز خيبرپختونخوا جي مختلف علائقن ۾ ڪارروائين دوران 13 دهشتگرد مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي۔
آء ايس پي آر موجب، ڪارروائيون باڙه ۽ بنون وارن علائقن ۾ ڪيون ويون۔ باڙه ۾ انٽيليجنس بنيادن تي ٿيل آپريشن دوران 10 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته بنون ۾ ڪارروائي دوران وڌيڪ 3 دهشتگرد ماريا ويا۔
آء ايس پي آر جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ دهشتگردن جي مڪمل خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهن۔
صدر ۽ وزيراعظم جو ردعمل
صدر آصف علی زرداری سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب ڪارروائين تي ساراهه ڪندي چيو آهي ته ملڪ مان دهشتگردي ختم ڪرڻ لاءِ قومي عزم مضبوط آهي۔
وزيراعظم شہباز شریف به فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته سيڪيورٽي ادارا دهشتگردي خلاف مضبوط ديوار بڻيل آهن۔
گهرو وزير جو بيان
گهرو وزير محسن نقوی پڻ ڪارروائين کي ساراهيندي چيو ته قوم سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي ۽ دهشتگردن خلاف ڪارروائي جاري رهندي۔
پسمنظر
خيبرپختونخوا ۾ ڪجهه وقت کان سيڪيورٽي فورسز طرفان دهشتگردن خلاف آپريشن تيز ڪيا ويا آهن، جن جو مقصد علائقن کي مڪمل طور محفوظ بڻائڻ آهي۔