سنڌ ۾ ڦر دوران مزاحمت تي قتل جا واقعا 17 سيڪڙو گهٽجي ويا آهن: آءِ جي سنڌ جي دعويٰ

فہرستِ مضامین

ڪراچي (بيورو رپورٽ) آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو دعويٰ ڪئي آهي ته سنڌ ۾ ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي قتل جي واقعن ۾ 17 سيڪڙو، جڏهن ته زخمي ٿيڻ جي واقعن ۾ 32 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي.

آءِ جي سنڌ موجب ڪراچي ۾ هن وقت 42 هزار پوليس اهلڪار مقرر آهن، جڏهن ته ضرورت 60 هزار اهلڪارن جي آهي. هن چيو ته اهڙا اهلڪار گهربل آهن، جيڪي تعليم ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي ڄاڻ رکندڙ هجن.

جاويد عالم اوڍو ٻڌايو ته ڪميونٽي پوليسنگ ڪراچي جي سهڪار سان شهر ۾ سيڪيورٽي ڪيمرائن جو انگ 32 هزار مان وڌائي 40 هزار ڪيو ويو آهي.

هن وڌيڪ دعويٰ ڪئي ته هلندڙ سال ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم جي واقعن ۾ پڻ 14 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں