سنڌ جي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪرڻ تي غور ڪري رھي آهي۔
صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته علائقي جي صورتحال سبب سنڌ حڪومت سمارٽ لاڪ ڊائون تي غور ڪري رھي آهي۔
صوبائي وزير جو چوڻ هو ته خطي جي تازي صورتحال سبب پاڪستان ۾ بحران پيدا ٿيڻ جو خدشو آھي، صورتحال کي نظر ۾ رکندي روزاني بنيادن تي اجلاس ڪيا پيا وڃن۔ سرڪاري گاڏين جي پيٽرول ڪوٽا ۾ اڳ ئي 60 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وئي آهي۔
هن چيو ته موجودا حالتون عام نه آهن، جيڪڏهن جنگ ڊگهي هلي ته سڀني لاءِ مشڪلاتون پيدا ٿينديون۔ هن صورتحال ۾ تيل بچائڻ لاءِ فوري قدم کڻڻ جي ضرورت آهي
پنجاب ۾ اهم فيصلن جي تياري شروع
پاڪستان جي سڀ کان وڏي صوبي پنجاب ۾ اهم فيصلن جي تياري شروع ٿي وئي آهي۔
ايران جنگ جي پس منظر ۾ وفاقي حڪومت پاران بچت مهم شروع ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ امڪاني توانائي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ ملڪ جي سڀ کان وڏي صوبي پنجاب ۾ پڻ اهم فيصلن جي تياري ڪئي پئي وڃي۔
ان سلسلي ۾ پنجاب جي توانائي کاتي حڪومت کي نيون ۽ اهم سفارشون موڪلي ڇڏيون آهن۔
توانائي کاتي جي سفارشن ۾ پنجاب حڪومت کي وفاقي طرز تي پاليسي ٺاهڻ، مارڪيٽن جي ڪلاڪن کي وڌيڪ محدود ڪرڻ، تعليمي ادارن جي موڪلن کي 15 اپريل تائين وڌائڻ ۽ تعليمي ادارن ۾ هائبرڊ نظام تعليم اختيار ڪرڻ جون تجويزون ڏنيون ويون آهن۔
پيٽرول جي منصفاڻي ورڇ لاءِ ڪوپن متعارف ڪرائڻ تي غور
پيٽرول ۽ ڊيزل جي منصفاڻي ورڇ لاءِ ڪوپن يا ڊجيٽل سسٽم متعارف ڪرائڻ ۽ مخصوص ڏينهن ۾ محدود گاڏين کي ايندھن مهيا ڪرڻ جون تجويزون پڻ پيش ڪيون ويون آهن۔
توانائي کاتي نجِي ادارن لاءِ ورڪ فرام هوم تي سخت هدايتون جاري ڪرڻ، غير ضروري تقريبن تي مڪمل پابندي ۽ ميٽرو بس سروس وڌائڻ جون سفارشون پڻ ڪيون آهن۔
توانائي کاتي جون سفارشون ۾ LED بل بورڊز ۽ آرائشي لائٽون بند ڪرڻ جو پلان به شامل آهي، جڏهن ته رات جو 10 وڳي کان پوءِ اسٽريٽ لائٽون متبادل موڊ تي هلنديون۔