اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي هڪ سيڙپڪار گروپ پاڪستان ۾ 10 ارب آمريڪي ڊالرن جي سيڙپڪاري ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي. وفاقي حڪومت ان دلچسپي کي ڀليڪار ڪندي سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي.
وفاقي وزير بورڊ آف انويسٽمينٽ قيصر احمد شيخ ڪاروباري شخصيتن، اوورسيز پاڪستانين ۽ ميڊيا نمائندن تي ٻڌل هڪ اعليٰ سطحي وفد سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران پاڪستان جي مختلف معاشي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
وفد ۾ رشيد خان نيازي، محمد طارق غوث، ڊاڪٽر عصمت الله خان، مقبول، ڪرنل جمشيد، عتيق ۽ سعودي عرب ۽ ٻين ملڪن ۾ ڪاروبار ڪندڙ اوورسيز پاڪستاني شامل هئا.
ملاقات دوران سعودي عرب جي هڪ سيڙپڪار گروپ پاڪستان ۾ 10 ارب آمريڪي ڊالرن جي سيڙپڪاري ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي، جنهن تي وفاقي حڪومت سيڙپڪارن کي مڪمل سهولتون ۽ هر ممڪن تعاون فراهم ڪرڻ جو يقين ڏياريو.
حڪومت پرڏيهي سيڙپڪاري وڌائڻ، روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ ۽ ملڪ جي معيشت کي مضبوط بڻائڻ لاءِ عالمي سيڙپڪارن سان رابطن کي وڌيڪ فعال بڻائڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي.