روس جو فوجي ٽرانسپورٽ جهاز ڪري تباهہ ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 29 ڄڻا فوت ٿي ويا۔
روسي بچاءَ واري وزارت موجب، فوجي ٽرانسپورٽ جهاز ڪريميا ۾ ڪري تباھ ٿي ويو، ان ۾ 23 مسافر ۽ عملي جا 6 ميمبر حياتي وڃائي ويٺا آھن.
عملدارن موجب جهاز اڏام ڀرڻ کان ٿوري دير پوءِ پائلٽ جو ايئر ٽريفڪ ڪنٽرول سان رابطو ڪٽجي ويو، جنهن کانپوءِ جهاز کي حادثو پيش آيو،ريسڪيو ٽيمون جهاز جي ملبي تائين پهچي ويون آهن۔
پرڏيھي ميڊيا موجب شروعاتي ڄاڻ موجب حادثي جو سبب فني خرابي لڳي رھيو آھي، جڏھن تہ واقعي بابت وڌيڪ جاچ پڻ شروع ڪئي وئي آهي۔….