ايران جي سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جنگبندي واري معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي۔
ٻن هفتن جي جنگبندي ۽ ڳالهين بابت ايران جي سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل پنهنجي بيان ۾ چيو تہ دشمن کي جنگ ۾ عبرتناڪ شڪست کي منھن ڏيڻو پيو
بيان ۾ چيو ويو تہ ايران آمريڪا کي 10 نقطن واري منصوبي کي قبول ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو، جنھن ۾ آمريڪا پاران جارحيت روڪڻ جي ضمانت ڏيڻ شامل آهي، جڏھن تہ آبنائي هرمز تي ايران جي ڪنٽرول کي برقرار رکڻ جي تجويز بہ شامل آهي۔
بيان موجب يورينيم کي قبول ڪرڻ، سڀني بنيادي پابندين کي ختم ڪرڻ، سلامتي ڪائونسل ۽ بورڊ آف گورنرز جا سڀئي ٺھرائن ختم ڪرڻ، ايران کي معاوضو ادا ڪرڻ، ۽ علائقي مان آمريڪي فوج کي نيڪالي جون تجويزون بہ شامل آهن۔
سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل موجب لبنان خلاف سڀني اسلامي محاذن تي جنگبندي لاڳو ڪرڻ جي تجويز بہ شامل ڪئي وئي آهي۔
ايراني سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل فتح جا تفصيلن سامهون اچڻ تائين اتحاد ۽ يڪجهتي برقرار رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي۔
ياد رھي تہ آمريڪا ۽ ايران، پاڪستان جي ٻن هفتن واري جنگبندي جي تجويز قبول ڪري ورتي آهي۔
ايراني ميڊيا موجب آمريڪي صدر جنگ ختم ڪرڻ لاءِ ايران جون شرطون مڃي ورتيون، جنهن کانپوءِ هن ٻن هفتن جي جنگبندي جو اعلان ڪيو۔
ايران جو چوڻ آهي ته ڳالهين جي شروعات جمعي 10 اپريل کان اسلام آباد ۾ ٿيندي ۽ جيڪڏھن ٻنهي ڌرين اتفاق ڪيو تہ ڳالهين جي مدي ۾ واڌ بہ ٿي سگهي ٿي۔…