جھاز تباھ ٿيڻ وارو واقعو ايران سان ڳالھين تي اثر انداز نہ ٿيندو: ٽرمپ

فہرستِ مضامین

آمريڪي صدر ڊونلڊ چيو آهي تہ ايف-16 جهاز جي تباهي سبب ايران سان ڳالهين تي ڪو اثر نہ پوندو۔

صدر ٽرمپ چيو تہ هي جنگ آهي ۽ اسان جنگي حالت ۾ آهيون، جنگي جهاز جي تباهي سان سفارتي عمل متاثر نہ ٿيندو.

هن اهو بہ چيو تہ اڃا نٿو چئي سگهجي تہ لاپتا عملي جي ميمبر کي نقصان پهتو آهي يا نہ  ۽ جيڪڏهن نقصان ٿيو تہ آمريڪا ڪهڙو قدم کڻندو۔

ياد رھي تہ ايران 3 آمريڪي جديد ترين جنگي جهاز ڪيرائي ڇڏيا آهن، ايراني خابرو اداري موجب جهازن جي عملي کي بچائڻ لاءِ ايندڙ 2 آمريڪي هيلي ڪاپٽرن تي بہ فائرنگ ڪئي وئي۔

پاسداران انقلاب موجب آمريڪا جي جديد ترين ايف 35 ويڙھاڪ جھاز کي وچ ايران ۾ نشانو بڻايو ويو، آبنائي ھرمز ويجھو اي 10 ويڙھاڪ جھاز تباھ ڪيو ويو، قيشم ٻيٽ تي بہ يراني فوج آمريڪي جنگي جھاز ڪيرايو.

آمريڪي عھديدار نالو ظاهر نہ ڪرڻ جي شرط تي برطانوي خابرو اداري سان ڳالھائيندي ويڙھاڪ جھاز ڪرڻ جي تصديق ڪئي……..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں