جنگ ختم ڪرڻ لاءِ تيار آھيون، پر ضمانت ڏني وڃي ٻيھر تڪرار شروع نہ ڪيو ويندو: ايراني صدر

فہرستِ مضامین

ايراني صدر مسعود پزشڪيان چيو آھي تہ ايران آمريڪا ۽ اسرائيل سان جنگ ختم ڪرڻ لاءِ تيار آھي پر ضمانت ڏني وڃي تہ ھي تڪرار ٻيھر شروع نہ ڪيو ويندو.

ھڪ چينل سان ڳالھائيندي ايراني صدر چيو تہ جنگ دوران ايراني ماڻھو اتحاد جو بهترين مظاهرو ڪري رھيا آهن، جيڪو ساراهہ جوڳو آهي۔

ان کان اڳ ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقي بہ چيو هو تہ ايران رڳو جنگبندي نٿو چاهي، پر هن جنگ جو مڪمل ۽ جامع خاتمو چاهي ٿو۔

عرب ميڊيا سان ڳالهائيندي ايراني پرڏيهي وزير انڪشاف ڪيو تہ آمريڪي خاص نمائندي طرفان سڌا پيغام ملي رھيا آهن، پر هن واضح ڪيو تہ باضابطه ڳالهيون جاري ناهن

هن اهو بہ تسليم ڪيو تہ سيڪيورٽي حوالي سان ڪجهه ڳالهيون پاڪستان ذريعي جاري آھن.

ھوڏانھن ايراني پاسدارن انقلاب چيو آھي تہ جيڪڏھن ايراني قيادت کي نشانو بڻائڻ جو سلسلو جاري رھيو تہ ھو آمريڪي ٽيڪنالوجي ڪمپنين خلاف ڪارروائي ڪري سگھن ٿا …….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں