اسلام آباد : هڪ آمريڪي اخبار پنهنجي تازي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو آهي تہ پاڪستان وچ اوڀر ۾ جاري جنگ دوران امن قائم ڪرڻ لاءِ ڀرپور سفارتي ڪوششون ڪيون، جن ۾ خاص طور ٽيليفونڪ سفارتڪاري اهم ڪردار ادا ڪيو.
رپورٽ موجب پاڪستاني قيادت خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ مختلف عالمي اڳواڻن سان لڳاتار رابطا ڪيا، انهن رابطن ۾ تھران، رياض، ابوظهبي، قاهرہ، استنبول ۽ برسلز جا اهم اڳواڻ شامل هئا، جن سان امن جي قيام ۽ امڪاني ڳالهين بابت ڳالهيون ٿيون.
آمريڪي اخبار دعويٰ ڪئي آهي تہ پاڪستاني اڳواڻ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ايراني صدر مسعود پزشڪيان ٻنهي سان ويجها لاڳاپا رکن ٿا، جنهن سبب پاڪستان کي هڪ اثرائتي ٽياڪڙي ڪندڙ طور ڏٺو پيو وڃي.
رپورٽ موجب وزيراعظم شهباز شريف، پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير لڳاتار سفارتي رابطن ذريعي خطي ۾ امن بحال ڪرڻ لاءِ ڪوششن ۾ مصروف آهن.
ٻئي طرف جرمن پرڏيهي وزير تصديق ڪئي آهي تہ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ اڻسڌي طرح رابطا ٿي چڪا آهن ۽ هاڻ سڌي ملاقات جي تياري جاري آهي، سندس چوڻ آھي تہ ٻنهي ملڪن جي نمائندن جي اهم ملاقات جلد ٿيڻ جو امڪان آهي، جيڪا پاڪستان ۾ ٿي سگهي ٿي.
ماهرن جو چوڻ آهي تہ پاڪستان جي متحرڪ سفارتڪاري خطي ۾ ان جي وڌندڙ ڪردار ۽ عالمي سطح تي اعتماد جي عڪاسي ڪري ٿي ۽ جيڪڏھن اهي ڪوششون ڪامياب ٿيون ته هي تڪرار ختم ڪرڻ ۾ اهم اڳڀرائي ثابت ٿي سگهن ٿيون….