جرمني پاران آمريڪا ۽ ايران جي ڳالھين جي دعويٰ، ملاقات پاڪستان ۾ ٿيڻ جو امڪان

فہرستِ مضامین

جرمني جي پرڏيھي وزير انڪشاف ڪيو آھي تہ آمريڪا ۽ ايران جا نمائندا جلد پاڪستان ۾ ملاقات ڪنا، جن جو مقصد ٻنھي ملڪن وچ ۾ ڇڪتاڻ گھٽائڻ ۽ امڪاني ڳالھين کي اڳتي وڌائڻ آھي.

جرمن ريڊيو کي ڏنل انٽرويو ۾ جرمني جي پرڏيھي وزير چيو تہ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ھيل تائين اڻ سڌي طرح رابطا جاري آھن، سڌي ريت ملاقات جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آھن ۽ ھي اھم ملاقات پاڪستان ۾ ٿيڻ جو امڪان آھي.

ٻئي پاسي آمريڪا جو وچ اوڀر بابت نمائندو اسٽيو وٽڪوف بہ تصديق ڪري چڪو آھي تہ پاڪستان آمريڪا ۽ايران وچ ۾ ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪري رھيو آھي، ان موجب پاڪستان ذريعي ٻنھي ملڪن وچ ۾ھاڪاري پيغامن جي ڏي وٺ ٿي آھي.

ٻئي طرف پاڪستان جي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ اطلاعات واري وزير عطاءُ تارڙ پڻ تصديق ڪري چڪا آهن تہ پاڪستان خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ لاءِ سرگرم سفارتي ڪوششون ڪري رھيو آهي، آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهين لاءِ رستو هموار ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪري رھيو آهي.

ماهرن موجب جيڪڏھن هي ملاقات ڪامياب ٿئي ٿي تہ اها نہ رڳو خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي، پر عالمي سطح تي پاڪستان جي سفارتي ڪردار کي بہ وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهي ٿي…..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں