تھران ۾ پاڪستاني سفارتخاني ڀرسان بمباري، عملو محفوظ رھيو

فہرستِ مضامین

ايران جي گادي واري شھر تھران ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۽ سفير جي رھائشگاھ ويجھو شديد بمباري ٿي آھي، جنھن ۾ پاڪستاني سفارتي عملو محفوظ رھيو .

سفارتي ذريعن موجب بمباري جو سلسلو تقريبن رات 8 وڳي شروع ٿيو، جنھن دوران سفارتخاني جي ڀرپاسي زوردار ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا .

ذريعن موجب پاڪستاني سفارتخاني جي سامھون ايراني فوج جو مرڪز ارتش واقع آھي، جنھن کي نشانو بڻايو ويو

ذريعن موجب پاڪستاني سفير مدثر ٽيپو تھران ۾ پاسداران جي انتظام ھيٺ علائقي ۾ ترسيل آھي، جتي بہ بمباري ڪئي وئي، پر خوش قسمتي سان سفارتخاني ۽ سفير جي رھائشگاھ کي ڪو بہ نقصان ناھي پھتو

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں