بجيٽ 2026-27:  روزمرهه جي استعمال جون 36 شيون مهانگيون، حڪومت پاران  650 ارب رپين جا نوان ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: (بيورورپورٽ) وفاقي حڪومت مالي سال 2026-27 دوران 15 هزار 264 ارب رپين جي ٽيڪس وصولين جو هدف حاصل ڪرڻ لاءِ 650 ارب رپين جا اضافي ٽيڪس قدم متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي. انهن قدمن جي نتيجي ۾ روزمرهه جي استعمال جون گهٽ ۾ گهٽ 36 شيون مهانگيون ٿيڻ جو امڪان آهي، جنهن سان عام واهپيدارن تي نئون مالي بار پوندو.

وفاقي بجيٽ دستاويزن موجب حڪومت اضافي آمدني حاصل ڪرڻ لاءِ جنرل سيلز ٽيڪس (GST)، فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي (FED)، ود هولڊنگ ٽيڪس ۽ ٻين انتظامي قدمن ذريعي آمدني وڌائڻ چاهي ٿي. حڪومت جو چوڻ آهي ته اهي قدم ٽيڪس نظام کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ ۽ ٽيڪس نيٽ کي وسيع ڪرڻ لاءِ کنيا پيا وڃن.

ڪهڙيون شيون مهانگيون ٿينديون؟

بجيٽ ۾ ٽئين شيڊيول جي دائري کي وڌائي ڪيترين ئي پيڪ ٿيل ۽ برانڊڊ شين کي شامل ڪيو ويو آهي، جنهن کان پوءِ هيٺيون شيون مهانگيون ٿيڻ جو امڪان آهي:کير ۽ ڊيري شيون، مٺايون، جام، جيلي ۽ ڪيچپ، مصالحا، کاڌي جو تيل ۽ گيهه، ڪراڪري، وارَن جا تيل، شيمپو، جوتا، پرفيوم ۽ باڊي اسپري، بيڪري جون شيون، پلاسٽڪ جون گهريلو شيون، سينيٽري شيون، باٿ روم فٽنگز، سينٽري ويئر، واش روم جو سامان، سوٽ ڪيس ۽ سفري بيگ، ڪچن ويئر، ڪيمرا، زرعي دوائون، جراثيم ڪش شيون.

حڪومت جو اندازو آهي ته صرف انهن شين تي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ سان 70 ارب رپين جي اضافي آمدني حاصل ٿيندي.

سوشل ميڊيا ۽ ڊجيٽل شعبي تي به ٽيڪس

بجيٽ ۾ يوٽيوب، فيس بڪ، انسٽاگرام ۽ ٽڪ ٽاڪ جهڙن پليٽ فارمن تان آمدني حاصل ڪندڙ ڊجيٽل ڪنٽينٽ ٺاهيندڙن ۽ سوشل ميڊيا انفلوئنسرز لاءِ نئون ود هولڊنگ ٽيڪس نظام متعارف ڪرايو ويو آهي.

ان کان علاوه سوشل ميڊيا ۽ ڊجيٽل اشتهارن سان لاڳاپيل ادائگين تي 5 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز پڻ شامل آهي.

سگريٽ، لگزري گاڏيون ۽ انشورنس به مهانگي

حڪومت اي سگريٽن لاءِ استعمال ٿيندڙ اي-ليڪوڊ تي فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي 10 هزار رپين مان وڌائي 16 هزار 500 رپيا في ڪلوگرام ڪري ڇڏي آهي.

ساڳئي وقت لگزري اليڪٽرڪ گاڏيون، وڏيون درآمدي گاڏيون، لائف انشورنس پاليسيون به وڌيڪ مهانگيون ٿينديون.

حڪومت جو اندازو آهي ته لگزري اليڪٽرڪ گاڏين تي نوان ٽيڪس لاڳو ڪرڻ سان 25 ارب رپين جي آمدني حاصل ٿيندي.

پگھار دار طبقي کي رليف

ٻئي طرف حڪومت پگھاردار طبقي کي ڪجهه رليف به ڏنو آهي.

9 سيڪڙو سرچارج مڪمل ختم.

22 لک کان 70 لک رپين تائين آمدني وارن مختلف سليبن تي انڪم ٽيڪس ۾ گهٽتائي.

وڌيڪ ٽيڪس سليب متعارف ڪرائي ٽيڪس بار ۾ توازن آڻڻ جي ڪوشش.

ريئل اسٽيٽ شعبي لاءِ سهولتون

حڪومت ملڪيت جي خريد ۽ وڪري تي لاڳو ايڊوانس ٽيڪس ۾ نمايان گهٽتائي ڪئي آهي.

خريداري تي ٽيڪس گهٽايو ويو.

وڪري تي ٽيڪس گهٽايو ويو.

دستاويزي معيشت کي هٿي ڏيڻ لاءِ فليٽ شرحون مقرر ڪيون ويون.

جڏهن ته نان فائلرز لاءِ پراپرٽي ٽيڪس جون موجوده شرحون برقرار رهنديون.

ننڍن واپارين لاءِ رليف

ننڍن ڪاروبارن لاءِ ود هولڊنگ ٽيڪس کان استثنيٰ جي حد 10 ڪروڙ رپين مان وڌائي 20 ڪروڙ رپيا ڪئي وئي آهي.

برآمد ڪندڙن لاءِ به ٽيڪس شرح گهٽائي وئي آهي ته جيئن پاڪستاني شين جي عالمي مارڪيٽن ۾ مقابلي جي صلاحيت بهتر بڻجي سگهي.

حڪومت جو موقف

ايف بي آر موجب 650 ارب رپين مان 250 ارب رپيا نون ٽيڪسن مان حاصل ڪيا ويندا.

400 ارب رپيا نفاذِ قانون ۽ انتظامي سڌارن ذريعي گڏ ڪيا ويندا.

حڪومت جو چوڻ آهي ته انهن قدمن سان ٽيڪس چوري روڪي ويندي، ٽيڪس نيٽ وڌندو ۽ معيشت کي دستاويزي شڪل ڏيڻ ۾ مدد ملندي.

عوام تي اثر

اقتصادي ماهرن جو چوڻ آهي ته جيتوڻيڪ تنخواه دار طبقي کي ڪجهه رليف مليو آهي، پر روزمرهه جي استعمال وارين شين تي نوان ٽيڪس لاڳو ٿيڻ سبب عام شهري لاءِ مهانگائي جو دٻاءُ وڌيڪ وڌي سگهي ٿو. خاص طور تي کاڌ خوراڪ، گهريلو استعمال ۽ ذاتي ضرورتن جون شيون مهانگيون ٿيڻ سان وچولي ۽ گهٽ آمدني وارا طبقا سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي سگهن ٿا.

بجيٽ تي هاڻي پارليامينٽ ۾ بحث کان پوءِ حتمي منظوري ڏني ويندي، جنهن کان پوءِ اهي ٽيڪس قدم نئين مالي سال جي شروعات سان لاڳو ٿيندا.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں