لنڊن (ويب ڊيسڪ): پاڪستان جي اڳوڻي ڪرڪيٽر ۽ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي موجوده هيڊ ڪوچ عاقب جاويد جي ڌيءَ عاقبه عاقب برطانيا ۾ شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي وئي.
عاقب جاويد، سندس گهرواري ۽ خاندان جا ٻيا ڀاتي ڌيءَ عاقبه عاقب جي شادي جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ برطانيا ۾ موجود آهن.
شادي جي تقريب ۾ عاقبه عاقب روايتي ڳاڙهي رنگ جي عروسي لباس بدران اڇي رنگ جو خوبصورت لباس پهريو، جنهن سوشل ميڊيا صارفين جو خاص ڌيان ڇڪايو.
شادي جي تقريب سان لاڳاپيل هڪ وڊيو پڻ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ عاقبه عاقب جون سائڙيون گلن جا گلدستا کڻي نظر اچي رهيون آهن.
وائرل وڊيو ۾ عاقب جاويد کي پڻ پنهنجي ڌيءَ جو هٿ پڪڙي کيس شادي جي تقريب جي مرڪزي هنڌ تائين وٺي ويندي ڏسي سگهجي ٿو.
وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا صارفين پاران مختلف تبصرا ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته ڪيترن ئي صارفين عاقب جاويد کي ڌيءَ جي شادي تي مبارڪباد پڻ ڏني آهي.