آمريڪي نائب صدر جِي ڊي وينس چيو آهي تہ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو مقصد ايران جي حڪومت کي تمام گهڻو ڪمزور ڪرڻ آهي۔
ھن پنھنجي بيان ۾ چيو تہ ايران ۾ گھڻا فوجي مقصد حاصل ڪري چڪا آھن، آمريڪي فوج جلد ايران مان نڪري ويندي .
هن وڌيڪ چيو تہ صدر ٽرمپ ايران سان جاري تڪرار کي ڪجهه وڌيڪ وقت تائين هلائڻ چاهي ٿو ۽ ان جو مقصد ايران جي حڪومت کي ڪمزور ڪرڻ آهي۔
آمريڪي نائب صدر اهو بہ چيو تہ هن تڪرار سبب پيٽرول جي شين جي قيمتن ۾ واڌ ٿي آهي، پر اهي قيمتون جلد گهٽ ٿي وينديون۔..