آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي تہ ايران ۾ حڪومت تبديل ٿي چڪي آهي ۽ هو نئين قيادت سان ڳالھيون ڪري رھيا آھن.
هڪ بيان ۾ صدر ٽرمپ چيو تہ جلد معلوم ٿيندو تہ ايران جو اسپيڪر محمد باقر قالیباف آمريڪا سان ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي يا نہ، ۽ ان بابت هڪ هفتي اندر خبر ملندي.
ٽرمپ وڌيڪ چيو تہ ايران ۾ حڪومت جي تبديلي ٿي چڪي آهي ۽ نوان ماڻهو اڳين کان وڌيڪ صحيح ثابت ٿي رھيا آهن.
آمريڪي صدر سپريم ليڊر بابت ڳالهائيندي چيو تہ ايران جي نئين سپريم ليڊر بابت ڪا بہ خبر سامهون نہ آئي آهي، سندس خيال آهي تہ مجتبیٰ خامنہ اي زنده آهي پر سندس حالت خراب آهي.
ٽرمپ خبردار ڪيو تہ جيڪڏهن ايران سان معاهدو نہ ٿيو ۽ آبنائي هرمز جلد نہ کوليو ويو تہ ايران جا بجلي گهر، تيل جا کوھ ۽ پاڻي صاف ڪرڻ وارن پلانٽ سميت اهم تنصيبات کي تباھ ڪيو ويندو…..