ايران ۽ روس وچ ۾ جوھري شعبي ۾ سهڪار لاءِ 25 ارب ڊالرن جو معاهدو

فہرستِ مضامین

تهران: ايران ۽ روس جي وچ ۾ جوھري شعبي ۾ سهڪار لاءِ 25 ارب ڊالرن جي ماليت واري مفاهمتي يادداشت (ايم او يو) تي صحيحون ٿي ويون آهن.

ايران ۽ روس 25 ارب ڊالرن جي ماليت وارو هڪ وسيع جوھري سهڪار وارو معاهدو طئي ڪيو آهي، جنهن جو مقصد تهران جي ايٽمي ڍانچي کي وڌيڪ وسيع بڻائڻ آهي. هن معاهدي ذريعي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اسٽرٽيجڪ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا.

ماسڪو ۾ ٿيل آن لائن ڪانفرنس ۾ ايران ۽ روس جي سرڪاري عملدارن ۽ ماهرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ايران جي سفير ڪاظم جلالي خطاب ڪندي چيو ته ھرمز معاھدو ۽ بوشھرنيوڪليئر پلانٽ جي توسيع، پرامن ايٽمي توانائي جي شعبي ۾ ايران ۽ روس جي وچ ۾ گڏيل سهڪار جا اهم ترين منصوبا آهن.

ايراني سفير ٻڌايو ته بوشهر ايٽمي بجلي گهر هن وقت فعال آهي، جڏهن ته ان جو ٻيون ۽ ٽيون يونٽ تعمير هيٺ آهن.

هن چيو ته 25 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري سان تيار ٿيندڙ هرمز منصوبو ايران جو سڀ کان وڏو ايٽمي منصوبو آهي، جيڪو ايران جي نجي شعبي ۽ روس جي سرڪاري ايٽمي ڪمپني روساتوم جي سهڪار سان تيار ڪيو پيو وڃي.

سفير وڌيڪ ٻڌايو ته ننڍي پيماني جي ايٽمي بجلي گهرن بابت گڏيل منصوبن تي پڻ ڪم جاري آهي، ۽ اميد آهي ته اهي منصوبا جلد عملي مرحلي ۾ داخل ٿيندا.

هن وڌيڪ چيو ته روسي گئس جي ايران ذريعي منتقلي ۽ Eurasian Countries سان واپار ۾ واڌ، تهران ۽ ماسڪو جي وچ ۾ تيزي سان ترقي ڪندڙ سهڪار جي اهم شعبن مان آهن.

آخر ۾ ايراني سفير عالمي فورمن تي روس جي سياسي حمايت تي ٿورا مڃيا ۽ توانائي، ٽرانسپورٽ، جديد ٽيڪنالاجي ۽ معاشي ترقي سميت مختلف شعبن ۾ تهران ۽ ماسڪو جي وچ ۾ اسٽرٽيجڪ سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں