پاڪستان جي ڪامياب سفارتڪاري جا سموري دنيا ۾ ھاڪاري اثر ظاھر ٿيڻ لڳا آھن، پاڪستاني سفارتڪاري سبب آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگبندي جي اعلان کانپوءِ تيل جي قيمتن ۾ لڳ ڀڳ 19 سيڪڙو تائين گهٽتائي ٿي آھي.
جڏھن تہ برينٽ ڪچي تيل جي قيمت بہ 90 ڊالر في بيرل تائين گھٽ ٿي وئي آھي، ٻئي پاسي سموري دنيا جي اسٽاڪ مارڪيٽن ۾ بہ تيزي جو رجحان ڏسڻ ۾ آيو آھي.
وڏي ۽ ڊگهي جنگ جو خطرو عارضي طور ٽرڻ تي واپاري برادري بہ سک جو ساھ کنيو آھي.
ياد رھي تہ ايران پاڪستان جي ٻن هفتن واري جنگبندي جي تجويز قبول ڪري ورتي آهي، ۽ ايران جي نئين سپريم ليڊر بہ جنگبندي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي۔…