ايران پاڪستان طرفان جنگبندي جي تجويز ملڻ جي تصديق ڪري ڇڏي

فہرستِ مضامین

ايران هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان طرفان جنگبندي جي تجويز ملڻ ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آھي.

برطانوي خابرو اداري رائيٽرز موجب سينيئر ايراني عھديدار ان ڳالھ جي تصديق ڪئي آھي تہ ايران کي پاڪستان پاران فوري جنگبندي جي تجويز ملي آھي ۽ ان تجويز جو غور سان جائزو ورتو پيو وڃي۔

هڪ سينيئر ايراني عملدار چيو آهي تہ اسان کي ايئن لڳي ٿو تہ واشنگٽن مستقل جنگبندي لاءِ سنجيدہ نظر نٿو اچي ۽ تهران عارضي جنگبندي جي بدلي آبنائي هرمز کي ٻيهر نہ کوليندو۔

ايراني عملدار وڌيڪ چيو تہ تهران دٻاءُ هيٺ اچي ڪنهن بہ ڊيڊ لائين کي قبول ڪرڻ ۽ فوري فيصلو ڪرڻ لاءِ تيار ناهي۔

ياد رھي تہ پاڪستان، مصر ۽ ترڪيہ گڏجي علائقي ۾ امن لاءِ ڪوششون ڪري رھيا آهن، ۽ ان سلسلي ۾ ڪجهہ ڏينهن اڳ ترڪيہ، مصر ۽ سعودي عرب جي پرڏيهي وزيرن اسلام آباد ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي سربراهي ۾ ٿيل اجلاس ۾ شرڪت ڪئي هئي

ان اجلاس جي ٻئي ڏينهن اسحاق ڊار چين جو دورو پڻ ڪيو هو، جڏھن تہ هو ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي ۽ آمريڪي عملدارن سان بہ لڳاتار رابطي ۾ آهن۔

ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي بہ جنگبندي لاءِ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن کي ساراهيندي چيو هو تہ اسان پاڪستان جي قدمن کي قدر جي نگاهہ سان ڏسون ٿا…۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں