ايران پاڪستان جي جنگبندي واري  تجويز قبولي ورتي، سپريم ليڊر منظوري ڏئي ڇڏي

فہرستِ مضامین

ايران پاڪستان جي ٻن هفتن واري جنگبندي جي تجويز قبول ڪري ورتي آهي ۽ ايران جي نئين سپريم ليڊر بہ جنگبندي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي۔

ايراني ميڊيا موجب آمريڪي صدر ٽرمپ کي ايران خلاف بيانبازي تي ذلت جو منھن ڏسڻو پيو، جڏھن تہ ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچی چيو آهي تہ جيڪڏھن ايران تي حملا بند ڪيا وڃن تہ ايران بہ پنهنجا حملا روڪي ڇڏيندو ۽ ايراني فوج سان رابطي ۾ رھي آبنائي هرمز مان ٻن هفتن تائين محفوظ ٽرانزٽ کي ممڪن بڻائي سگهجي ٿو۔

ايراني ميڊيا موجب ٽرمپ جنگ ختم ڪرڻ لاءِ ايران جون شرطون مڃي ورتيون، جنهن کانپوءِ هن ٻن هفتن جي جنگبندي جو اعلان ڪيو آهي۔

هڪ آمريڪي اهلڪار بہ چيو آهي تہ ايران خلاف آمريڪي فوجي حملا ٻن هفتن جي جنگبندي واري معاهدي تحت روڪي ڇڏيا ويا آهن۔

ان کانسواءِ اسرائيلي ميڊيا ۽ وائٽ هائوس جي عملدارن بہ تصديق ڪئي آهي تہ اسرائيل بہ عارضي جنگبندي تي اتفاق ڪري ڇڏيو آهي….۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں