ايران پاران ميزائل حملن ۾ 500 آمريڪي فوجي مارڻ ۽ ھڪ ايف 16 جھاز تباھ ڪرڻ جي دعويٰ

فہرستِ مضامین

ايراني پاسدارانِ انقلاب دعويٰ ڪئي آهي تہ تازن حملن دوران 500 آمريڪي فوجي مارجي ويا آھن يا زخمي ٿيا آهن، جڏھن تہ هڪ آمريڪي جنگي جهاز ايف 16 کي نشانو بڻايو ويو آھي.

ايران موجب ڄاڻايل جهاز سعودي عرب جي هڪ ايئر بيس تائين پهچڻ کان اڳ ئي ڪري تباھ ٿي ويو، جڏھن تہ هن دعويٰ جي آمريڪا پاران تصديق يا ترديد ناھي ڪئي وئي.

پاسدارانِ انقلاب وڌيڪ چيو آهي تہ انهن والاريل فلسطين سميت خطي ۾ آمريڪي ۽ اسرائيلي صنعتي مرڪزن کي بہ نشانو بڻايو آهي، ايراني اختيارين موجب، اهي حملا جاري ڇڪتاڻ جي جواب ۾ ڪيا ويا آھن.

ٻئي پاسي ختم الانبياء هيڊڪوارٽر دعويٰ ڪئي آهي تہ اسرائيلي شهر حيفہ ۾ هڪ اهم اليڪٽرانڪ وارفيئر سينٽر تي حملو ڪيو ويو، جڏھن تہ بن گوريون ايئرپورٽ ڀرسان  ٻارڻ جي ذخيرن کي بہ نشانو بڻايو ويو آهي۔

ايراني فوجي قيادت خبردار ڪيو آهي تہ جيڪڏھن تہ ايران جي صنعتي تنصيبات تي وڌيڪ حملا ڪيا ويا تہ ان جا نتيجا انتهائي سنگين هوندا، ماهرن موجب اهڙن بيانن مان خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ ۽ ممڪن وڏي تڪرار جا اشارا ملي رھيا آهن۔…………

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں