ايران جو سخت ردعمل: سڀاڻي کان آمريڪي ڪمپنين تي حملا ڪرڻ جو اعلان

فہرستِ مضامین

ايران جي پاسدارانِ انقلاب خبردار ڪيو آهي تہ ايران تي ٿيندڙ تازن حملن جي جواب ۾ سڀاڻي کان خطي ۾ آمريڪي ڪمپنين کي نشانو بڻايو ويندو۔

 سرڪاري بيان:

پاسدارانِ انقلاب جي ترجمان موجب ايران خلاف ڪارروائين جو سخت جواب ڏنو ويندو, آمريڪا سان لاڳاپيل ڪمپنيون ۽ مفاد هاڻي محفوظ نه رھندا، خطي ۾ موجود آمريڪي اثر کي نشانو بڻايو ويندو۔

 خطي ۾ ڇڪتاڻ

هن بيان کان پوءِ وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ وڌيڪ وڌي وئي آهي، سيڪيورٽي خدشا وڌي ويا آهن، مختلف ملڪن ۾ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي، عالمي مارڪيٽن تي به ان جا اثر پوڻ جو امڪان آهي۔

 امڪاني خطرا

ماهرن جو چوڻ آهي تہ اهڙي اعلان سان صورتحال وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿيڪاروباري سرگرميون متاثر ٿي سگهن ٿيون، عام ماڻهن جي سلامتي کي به خطرو ٿي سگهي ٿو.

ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ وڌندڙ تڪرار خطي لاءِ هڪ نئون چئلينج بڻجي رھوي آهي، جتي هر نئون بيان يا قدم صورتحال کي وڌيڪ حساس بڻائي رهيو آهي۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں