يورپي ڪميشن جي صدر ارسلا وان ڊر ليئن انڪشاف ڪيو آهي ته ايران جنگ ۽ آبنائي هرمز جي بندش سبب يورپي ملڪن کي توانائي جي درآمد تي هينئر تائين 127 ارب يورو جا اضافي خرچ برداشت ڪرڻا پيا آهن.
رپورٽ موجب، يورپي ڪميشن جي صدر ارسلا وان ڊر ليئن اڱاري ڏينهن وچ اوڀر جي بحران جي معاشي اثرن بابت ڳالهائيندي چيو ته آبنائي هرمز جي بندش سبب يورپ کي پنهنجي توانائي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ وڏي مالي قيمت ادا ڪرڻي پئجي رهي آهي.
هن چيو ته آبنائي هرمز جي بندش سبب يورپي ملڪن لاءِ تيل، گئس ۽ ٻين فوسل فيولز جي درآمد مهانگي ٿي وئي آهي، جنهن ڪري توانائي جي شعبي تي اضافي مالي بار پئجي رهيو آهي.
ارسلا وان ڊر ليئن وڌيڪ چيو ته موجوده صورتحال هڪ ڀيرو ٻيهر ظاهر ڪري ڇڏيو آهي ته ٻاهرين ملڪن مان توانائي حاصل ڪرڻ تي يورپ جو گهڻو انحصار ان جي ڪمزوري آهي.
هن زور ڏيندي چيو ته يورپ کي پنهنجي توانائي جي خودمختياري ۽ سلامتي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي، جيئن مستقبل ۾ عالمي بحرانن ۽ توانائي جي فراهمي ۾ رڪاوٽن سبب اهڙين معاشي مشڪلاتن کان بچي سگهجي.
رپورٽ موجب، وچ اوڀر ۾ جاري جنگ ۽ آبنائي هرمز جي بندش جا اثر رڳو توانائي جي شعبي تائين محدود نه آهن، پر يورپي معيشت تي پڻ اضافي مالي دٻاءُ وڌي رهيو آهي.