ايران جا اتحادي ھاڻي اسرائيل لاءِ خطرو ناھن : نيتن ياھو

فہرستِ مضامین

اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياھو چيو آھي تہ ايران جا علائقائي اتحادي هاڻي اسرائيل لاءِ خطرو ناهن رھيا۔

پنهنجي بيان ۾ هن چيو تہ هن جنگ اسرائيل کي خطي ۾ ايران خلاف نئون اتحاد ٺاهڻ جو موقعو ڏنو آهي۔

نيتن ياھو وڌيڪ چيو تہ ايران جي خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ علائقي جي اهم ملڪن سان اتحاد قائم ڪيو پيو وڃي، ڇاڪاڻ تہ ايران وٽ اڃا بہ اسرائيل تي ڊرون ۽ ميزائل حملا ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي۔

پرڏيھي ميڊيا موجب اسرائيلي وزيراعظم اتحاد ۾ شامل ملڪن جا نالا ظاهر نہ ڪيا۔

ٻئي پاسي، آمريڪي صدر ٽرمپ اعلان ڪيو آهي تہ آمريڪا 2 کان 3 هفتن اندر ايران سان جنگ مان نڪري ويندو۔

هن چيو تہ فوجي ڪارروائي جو بنيادي مقصد ايران کي جوھري هٿيار حاصل ڪرڻ کان روڪڻ هو، جيڪو هاڻي حاصل ڪيو ويو آهي۔…….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں