ايران تي آمريڪي ۽ اسرائيلي حملا جاري آھن، تازن حملن ۾ 10 ٻارڙن سميت 24 ڄڻا شھيد ٿيا آھن ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا آھن.
ايراني ميڊيا موجب اسرائيل پاران تھران ۾ ٽن رھائشي عمارتن تي بمباري ڪئي وئي، جيڪي مڪمل طور تباھ ٿي ويو، 50 عمارتن کي نقصان پھتو آھي، حملن ۾ 10 ٻارڙن سميت 24 ڄڻا شھيد ٿيا آھن ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا آھن.
ايراني ميڊيا موجب اسرائيل پاران مسجد، يونيورسٽي ۽ گيس اسٽيشن کي بہ نشانو بڻايو ويو آھي.
ايران پاران بہ ميزائل حملن ذريعي اسرائيلي ۽ آمريڪي ھدفن کي نشانو بڻايو پيو وڃي، اسرائيل ۾ ميزائل حملن بعد ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي.
اسرائيلي فوج موجب ايران پاران فائر ڪيل ميزائلن ۾ وچ اسرائيل ۾ خطري جا سائرن وڄي ويا، ٻئي پاسي اتر اسرائيلي شھر حيفہ تي ٿيل ايراني حملي ۾ 10 کان وڌيڪ ھنڌن کي نشانو بڻايو ويو.
مقامي ميڊيا موجب مختلف عمارتن ۽ روڊن کي معمولي نقصان پھتو آھي، جڏھن تہ ھڪ گاڏي کي باھ لڳي وئي.
پرڏيھي ميڊيا موجب حيفہ ۾ ٿيل حملن ۾ ڪنھن جاني نقصان جو اطلاع ناھي………