اسلام آباد ايران-آمريڪا ڳالھين جي ميزباني لاءِ تيار

فہرستِ مضامین

(اسلام آباد/ مانيٽرنگ ڊيسڪ)

پاڪستان،، ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جنگبندي ڪرائڻ کانپوءِ ڳالھين جي ميزباني لاءِ  بہ تيار آھي ٻنھي ملڪن جو وفد اڄ اسلام آباد پھچندو، جنھن جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آھن.

ذريعن موجب آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس اڄ رات پاڪستان پهچي رھيو آھي، هي دورو خطي ۾ جاري تڪرارن جي حل لاءِ انتهائي اهم قرار ڏنو پيو وڃي.

وائيٽ هائوس جي ترجمان ڪيرولين ليوٽ تصديق ڪئي تہ صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي هدايت تي هڪ اعليٰ سطحي وفد اسلام آباد موڪليو پيو وڃي، هن وفد ۾ نائب صدر جي ڊي وينس سان گڏ اسٽيو وٽڪوف ۽ جيرڊ ڪشنر پڻ شامل آهن.

ايران جي صدر مسعود پزيشڪيان پاڪستاني وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ھو تہ ايراني وفد بہ ڳالھين لاءِ اسلام آباد پهچندو.

ذريعن موجب ايران جو اسپيڪر محمد باقر قالي باف ۽ پرڏيهي وزير عباس عراقچي اڄ رات دير سان اسلام آباد پهچندا.

آمريڪي وفد جي معاونت لاءِ 23 رڪني ٽيم، جنهن ۾ سيڪيورٽي ماهر پڻ شامل آهن، اڳ ئي اسلام آباد پهچي چڪي آهي.

وائيٽ هائوس موجب، آمريڪي ۽ ايراني وفدن جي وچ ۾ اهم ڳالهيون ڇنڇر جي صبح اسلام آباد ۾ ٿينديون.

هي ڳالهيون ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ علائقائي امن لاءِ هڪ وڏو بريڪ ٿرو ثابت ٿي سگهن ٿيون، جنهن ۾ پاڪستان هڪ اهم ميزبان ۽ سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪري رھيو آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں