اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياھو کي اقتدار کان ٻاهر ڪرڻ لاءِ گاڊي آئزنڪوٽ جي اڳواڻي ۾ مخالف ڌر جي اتحاد جلد کان جلد نئين حڪومت ٺاهڻ جو عزم ظاهر ڪري ڇڏيو.
27 آڪٽوبر تي ٿيل چونڊن کانپوءِ مخالف ڌر جي پنجن جماعتن جي سربراهن هرزليا شهر جي هڪ هوٽل ۾ ملاقات ڪئي، جنهن دوران حڪومت سازي لاءِ ايندڙ حڪمت عملي تي مشاورت ڪئي وئي.
گڏيل بيان ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻن چيو ته سندن مقصد جلد کان جلد حڪومت قائم ڪرڻ ۽ اسرائيل کي نئين چونڊن ڏانهن وڃڻ کان بچائڻ آهي.
رپورٽن موجب، عرب جماعتن سان اتحاد ڪرڻ بابت مخالف ڌر جي اتحاد اندر اختلاف موجود آهن. آئزنڪوٽ حڪومت ۾ شامل ٿيندڙ پارٽين لاءِ چار اصول مقرر ڪيا آهن، جن ۾ اسرائيل کي يهودي رياست تسليم ڪرڻ ۽ حماس جي مذمت ڪرڻ جون شرطون پڻ شامل آهن.
ٻئي طرف چونڊن ۾ نيتن ياھو جي ساڄي ڌر واري اتحاد 53، جڏهن ته آئزنڪوٽ جي اڳواڻي واري اتحاد 48 سيٽون حاصل ڪيون، پر ٻنهي مان ڪنهن کي به حڪومت ٺاهڻ لاءِ گهربل اڪثريت حاصل نه ٿي.
عرب جماعتن جي گڏيل فهرست ۽ متحده عرب فهرست رعم مجموعي طور 19 سيٽون حاصل ڪيون، جيڪي آئزنڪوٽ جي اتحاد لاءِ پارلياماني اڪثريت حاصل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون.
اڳوڻي وزيراعظم نفتالي بينيٽ پڻ آئزنڪوٽ جي حمايت ڪندي چيو ته وڌيڪ وقت ضايع ڪرڻ بدران تيزيءَ سان اڳتي وڌڻ جي ضرورت آهي.
هوڏانهن عرب جماعتن جي اڳواڻ يوسف جبارين چيو ته نيتن ياھو کي اقتدار کان ٻاهر ڪرڻ لاءِ مخالف ڌر کي عرب جماعتن سان سهڪار ڪرڻو پوندو.
ٻئي طرف نيتن ياھو مخالف ڌر جي تجويزن تي ردعمل ڏيڻ بدران پنهنجي قيادت ۾ وسيع حڪومتي اتحاد ٺاهڻ جي آڇ ڪئي آهي، جڏهن ته هن حڪومت ۾ عرب جماعتن جي شموليت کي رد ڪري ڇڏيو آهي.