اسرائيل جا لبنان تي حملا جاري، 14 ماڻھو شھيد، ڪيترائي زخمي

فہرستِ مضامین

اسرائيل لبنان جي مختلف علائقن، خاص طور تي ڏکڻ لبنان ۽ گادي واري شهر بيروت ۾ فضائي حملن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 14 ماڻهو شهيد جڏھن تہ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن۔

عرب ميڊيا موجب اسرائيل لبنان تي حملا ان وقت ڪيا آهن، جڏھن اسرائيل لبنان ۽ شام جي مرڪزي سرحدي گذرگاهہ کي نشانو بڻائڻ جي ڌمڪي ڏني، جنهن بعد سرحد بند ڪئي وئي۔

لبناني صحت واري وزارتِ موجب بيروت جي ڏکڻ وارن علائقن ۾ ٿيندڙ حملن ۾ 4 ماڻهو شهيد ٿيا، جڏھن تہ ڏکڻ لبنان ۾ اسرائيلي بمباري سبب هڪ ئي خاندان جا 6 ڄڻن سميت 10 ماڻهو شهيد ٿيا آهن۔

بيروت جي جناح واري علائقي ۾ هڪ حملي دوران 39 ماڻهو زخمي ٿيا، اهو حملو رفيق حريري يونيورسٽي اسپتال کان لڳ ڀڳ 100 ميٽر جي فاصلي تي ڪيو ويو هو۔

واضح رھي تہ اسرائيل 2 مارچ کان سموري لبنان ۾ فضائي ڪارروائين ۾ تيزي آندي آهي۔

لبناني عملدارن موجب 2 مارچ کان جاري اسرائيلي حملن ۾ هينئر تائين 1400 کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ٿي چڪا آهن، جن ۾ 126 ٻار بہ شامل آهن، جڏھن تہ 12 لک کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿي آهن۔

اسرائيل جو موقف آهي تہ اهي حملا حزب الله پاران اسرائيل تي ڪيل راڪيٽ حملن جي جواب ۾ ڪيا پيا وڃن، جڏھن تہ اسرائيلي زميني فوج بہ ڏکڻ لبنان ۾ اڳتي وڌي رھي آهي۔

ٻئي پاسي حزب الله دعويٰ ڪئي آهي تہ هن لبنان جي سمنڊ کان 126 ڪلوميٽر پري هڪ اسرائيلي جنگي جهاز تي ڪروز ميزائل فائر ڪيو، جڏھن تہ اسرائيلي فوج هن دعويٰ تي فوري ردعمل ظاهر ناهي ڪيو۔

عرب ميڊيا موجب حزب الله جي هن دعويٰ جي تصديق نه ٿي سگهي آهي۔

اسرائيلي فوج پنهنجي بيان ۾ چيو آهي تہ هن بيروت جي ڏکڻ وارن علائقن ۾ حزب الله جي بنيادي ڍانچي کي نشانو بڻائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي۔…….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں