اسلام آباد (بيورو رپورٽ): ملڪ ۾ نون صوبن جي قيام بابت جاري سياسي بحث هاڻي پارليامينٽ تائين پهچڻ وارو آهي، پارلياماني معاملن بابت وفاقي وزير طارق فضل چوڌري اعلان ڪيو آهي ته آڪٽوبر ۾ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي اجلاسن دوران نون صوبن جي قيام واري معاملي تي باقاعده بحث ڪرايو ويندو.
ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير طارق فضل چوڌري چيو ته نون صوبن بابت بحث جو اصل فورم پارليامينٽ ئي آهي ۽ اهڙن اهم معاملن تي بحث پارليامينٽ جي اندر ٿيڻ گهرجي.
هن چيو ته آڪٽوبر ۾ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا اجلاس ٿيندا، جن ۾ نون صوبن جي قيام بابت بحث ڪرايو ويندو.
وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته اسلام آباد هڪ نئون گورننس ماڊل اختيار ڪرڻ طرف وڌي رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته وفاقي گادي واري شهر جي انتظام ۽ حڪمراني بابت نئين طريقيڪار تي ڪم جاري آهي.
نون صوبن جي قيام واري معاملي تي پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پڻ موقف ڏئي چڪو آهي ته صوبن بابت بحث بزنس فورمز بدران قومي اسيمبلي ۾ ٿيڻ گهرجي.
لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو چيو هو ته صوبن بابت پيپلز پارٽي جو موقف واضح آهي، جڏهن ته جيڪڏهن ملڪ جو نظام ناڪام ٿيو آهي ته ان تي قومي اسيمبلي ۾ باقاعده بحث ٿيڻ گهرجي.
بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته پاڪستان جي سمورن مسئلن جو حل جمهوريت ۽ پارلياماني عمل ۾ موجود آهي.
وفاقي وزير طرفان آڪٽوبر ۾ پارليامينٽ اندر بحث ڪرائڻ واري اعلان کانپوءِ نون صوبن جي قيام جو معاملو وڌيڪ اهميت اختيار ڪري ويو آهي. ايندڙ مهيني قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي اجلاسن ۾ ان معاملي تي مختلف سياسي پارٽين جي موقف سامهون اچڻ ۽ بحث وڌيڪ تيز ٿيڻ جو امڪان آهي.