آمريڪي حملن ۽ فوجي جهڙپن کان پوءِ ايران آبنائي هرمز مان سڀني جهازن جي اچ وڃ بند ڪري ڇڏي آهي۔
ايراني اعليٰ گڏيل فوجي ڪمان چيو آهي ته آبنائي هرمز مان گذرڻ جي ڪوشش ڪندڙ ڪنهن به جهاز کي نشانو بڻايو ويندو۔
بيان ۾ چيو ويو آهي ته آبنائي هرمز جي بندش واري حڪم ۾ تيل کڻندڙ ۽ واپاري جهاز به شامل آهن۔
ايراني ميڊيا موجب ايراني پابندي جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي هرمز ۾ ٻن جهازن کي نشانو بڻايو ويو آهي۔
واضح رهي ته آمريڪا پاران ايران تي تازن حملن کان پوءِ آبنائي هرمز ۾ آمريڪي فوجن ۽ ايراني پاسدارانِ انقلاب وچ ۾ جهڙپون شروع ٿي ويون آهن۔
ايراني ميڊيا موجب ايراني هٿياربند فوجن آبنائي هرمز جي ويجهو آمريڪي بحري جهازن کي نشانو بڻايو آهي۔ آمريڪي جهازن تي ميزائل ۽ ڊرون حملا ڪيا ويا آهن۔
ان کان اڳ ايراني ميڊيا موجب ايران جي صوبي فارس، اولهه تهران، بندر عباس، ميناب، سيرڪ، قشم، هنگام ۽ ڪيش ٻيٽ ۾ ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا، جڏهن ته ايراني بندرگاهه گرگان ۾ به ڌماڪا ٿيا آهن۔
آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ چيو آهي ته ايران ۾ ڪيترن ئي هدفن تي دفاعي مقصدن لاءِ اضافي حملا شروع ڪيا ويا آهن۔
سينٽرل ڪمانڊ دعويٰ ڪئي آهي ته اهي حملا ايران جي بنا جواز ۽ لڳاتار جارحيت جي جواب ۾ ڪيا پيا وڃن۔