آمريڪا ۽ ايران ۾ ڳالھيون 10 اپريل جمعي تي اسلام آباد ۾ ٿينديون، ڪھڙيون شخصيتون شرڪت ڪنديون؟

فہرستِ مضامین

آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ جنگبندي کانپوءِ جنگبندي بابت جامع ڳالهين لاءِ پاڪستان جي گاديءَ واري شهر اسلام آباد ۾ 10 اپريل تي اهم ملاقاتون ٿينديون۔

سفارتي ذريعن موجب جنگبندي لاءِ ٿيندڙ ڳالهين جو اجلاس جمعي تي اسلام آباد ۾ ٿيندو، جنهن لاءِ تياريون مڪمل ڪيون پيون وڃن۔

ذريعن جو چوڻ آهي تہ اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ڳالهين ۾ آمريڪا ۽ ايران جون اهم شخصيتون شرڪت ڪنديون۔

ذريعن موجب ايران پاران پارليامينٽ جو اسپيڪر قالیباف ۽ پرڏيهي وزير عباس عراقچي شرڪت ڪندا، جڏھن تہ آمريڪا پاران نائب صدر ۽ صدر ٽرمپ جو صلاحڪار اسٽيو وِٽڪوف جي شرڪت جو امڪان آهي۔

ياد رھي تہ پاڪستان جي مسلسل ڪوششن جي نتيجي ۾ آمريڪا ۽ ايران ٻن هفتن جي جنگبندي تي اتفاق ڪيو آهي.

پاڪستان جي انهن ڪوششن کي عالمي سطح تي پڻ ساراهيو پيو وڃي، جڏھن تہ آمريڪي ۽ ايراني اختيارين پڻ جنگبندي لاءِ پاڪستان جي ڪردار جي تعريف ڪئي آهي۔…….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں