آمريڪي ميڊيا چيو آھي تہ اسرائيلي ۽ آمريڪي فوج اصفھان ۾ 2 ھزار پائونڊ وزني بم سان ھٿيارن جي ذخيرن کي نشانو بڻايو آھي، ھوڏانھن اسرائيلي فوج بہ تھران ۾ ميزائل ٺاھڻ واري تنصيبات کي بہ نشانو بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي آھي.
اسرائيلي فوج تنصيبات کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ ڪندي چيو تہ تقريبن 40 ھٿيارن جي مرڪزن کي نشانو بڻايو ويو .
ٻئي پاسي اصفھان شھر ۾ سخت ڌماڪن جي ويڊيوز آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ شھر پنھنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تان بہ شيئر ڪئي آھي.
ان حوالي سان آمريڪي اخبار پاران ٻڌايو ويو آھي تہ 2 ھزار پائونڊ وزني بم سان ھٿيارن جي ذخيرن کي نشانو بڻايو ويو ، ھڪ آمريڪي عھديدار چيو تہ اصفھان ۾ 2 ھزار ڪلو گرام وزني بنڪر بسٽر بم جو استعمال ڪيو ويو ۽ زير زمين تنصيبات کي تباھ ڪندڙ بارود جو استعمال بہ ڪيو ويو .
اصفھان تي بمباري کي آمريڪا ۽ اسرائيل جنگ شروع ٿيڻ بعد سڀ کان وڏي ۽ خطرناڪ بمباري قرار ڏنو پيو وڃي……….