آمريڪا پاران ٻن کان ٽن ھفتن ۾ جنگ ختم ڪرڻ جو اعلان

فہرستِ مضامین

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي تہ آمريڪا ايندڙ 2 کان 3 هفتن اندر ايران سان جاري جنگ مان نڪري ويندو۔

وائٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ٽرمپ دعويٰ ڪئي تہ ايران ۾ رجيم چينج اڳ ئي ٿي چڪي آهي، پر اهو آمريڪا جو مقصد نہ هو

هن چيو تہ فوجي ڪارروائي جو اصل مقصد ايران کي جوھري هٿيار حاصل ڪرڻ کان روڪڻ هو، جيڪو حاصل ڪيو ويو آهي۔

ٽرمپ وڌيڪ چيو تہ 2 کان 3 هفتن اندر جنگ ختم ڪئي ويندي، جڏھن تہ امڪان آهي تہ ان کان اڳ ئي ڪا ڊيل بہ ٿي سگهي ٿي

هن واضح ڪيو تہ ايران سان ڳالهين ضروري ناهن ۽ آمريڪا پنهنجي مرضي سان جنگ ختم ڪري سگهي ٿو، ڇو تہ واشنگٽن وٽ سڀئي آپشن موجود آهن۔

آمريڪي صدر جو چوڻ هو تہ ايران ايندڙ 4 کان 5 سالن تائين جوھري هٿيار ٺاهي نہ سگهندو ۽ جڏهن به اهو قابل ٿيندو تہ آمريڪا ٻيهر ڪارروائي ڪندو، ڇو تہ ايران کي جوھري طاقت بڻجڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي۔

ٽرمپ دعويٰ ڪئي تہ ايران کي ٻيهر تعمير ٿيڻ ۾ 15 کان 20 سال لڳندا، ايران وٽ نہ نيوي آهي، نہ مضبوط فوج ۽ نہ ئي ايئر فورس، جڏھن تہ قيادت به ختم ڪئي وئي آهي۔

هن وڌيڪ چيو تہ جيڪڏھن فرانس يا ٻيا ملڪ تيل ۽ گيس حاصل ڪرڻ چاهين ٿا تہ هو آبنائي ھرمز ڏانهن وڃن ۽ پنهنجي حفاظت پاڻ ڪن، آمريڪا ان جي ذميواري نہ وٺندو۔

ٽرمپ جو چوڻ هو تہ آبنائي هرمز ۾ جيڪو ڪجهہ ٿيندو، ان سان آمريڪا جو ڪو بہ واسطو نہ هوندو ۽ ٻين ملڪن کي پنهنجو دفاع پاڻ ڪرڻو پوندو۔

ان کان اڳ بہ هڪ آمريڪي اخبار سان ڳالهائيندي ٽرمپ چيو هو تہ آمريڪي فوج ايران ۾ وڌيڪ عرصو نہ ترسندي  ۽ جيئن ئي آمريڪي فوج واپس ايندي تہ آبنائي هرمز پاڻمرادو کلي ويندي.

هن چيو تہ جنگ جو واحد مقصد اهو هو تہ ايران کي جوھري هٿيار حاصل ڪرڻ کان روڪيو وڃي………۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں