پاسداران انقلاب جو چوڻ آھي تہ ايراني فوج آمريڪا جو ايف 35 جھاز وچ اوڀر ايران ۾ تباھ ڪيو آھي، آمريڪا جي تباھ ٿيل جھاز جو پائلٽ ايران ۾ سيڪيورٽي فورسز ھٿان گرفتار ٿيڻ جا اطلاع پڻ آھن.
پاسداران انقلاب آمريڪا جو اي 10 جي ويڙھاڪ جھاز کي ڏکڻ ايران ۾ آبنائي ھرمز ويجھو ڪيرائي تباھ ڪيو آھي، برطانو ميڊيا موجب تباھ ٿيل جھاز جو پائلٽ بچي ويو.
ايران آ۾ريڪا جي ايف 15 جھاز کي بہ نشانو بڻايو جنھن کي ريسڪيو ڪرڻ لاءِ آيل 2 ھيليڪاپٽرن تي بہ حملا ڪيا ويا، ھي ھيليڪاپٽر پائلٽ کي ريسڪيولاءِ آپريشن جي تلاش ۾ ھئا، فائرنگ سبب ھيليڪاپٽرن جو عملو زخمي ٿيو.
مغربي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي تہ هيليڪاپٽر لينڊنگ ڪئي، پر ايراني ميڊيا هڪ وڊيو جاري ڪئي آهي جنهن ۾ ڏيکاريو ويو آهي تہ هڪ هيلي ڪاپٽر کي نشانو بڻائڻ سبب باهه لڳي وئي ۽ اهو هيٺ ڪري پيو۔…..