ايران آمريڪي حملن کان پوءِ ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪندي دعويٰ ڪئي آهي ته هن خطي ۾ موجود آمريڪي فوجي اڏن کي نشانو بڻايو آهي.
ايراني فوج جي ڪمان خاتم الانبيا هيڊڪوارٽرز پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته خطي ۾ ڪجهه آمريڪي فوجي اڏن تي حملا ڪيا ويا آهن، ۽ اها ڪارروائي ڏکڻ ايران ۾ آمريڪي جارحيت جي جواب ۾ ڪئي وئي آهي.
ايراني پاسدارانِ انقلاب جو چوڻ آهي ته آمريڪي حملن سبب سيريڪ علائقي ۾ هڪ ٽيلي ڪميونيڪيشن ٽاور کي نقصان پهتو، جڏهن ته ٻن واٽر ٽينڪن کي به تباهه ڪيو ويو.
پاسدارانِ انقلاب موجب آمريڪي حملن جي جواب ۾ بحرين ۾ موجود آمريڪي ففٿ فليٽ تي ڊرون حملو ڪيو ويو آهي. انهن خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪي جارحيت جاري رهي ته ان جو وڌيڪ سخت جواب ڏنو ويندو.
روسي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته ايران جم واري علائقي ۾ آمريڪا جو MQ-9 ڊرون تباهه ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ايراني ميڊيا موجب پاسدارانِ انقلاب اردن ۾ موجود آمريڪي فوجي اڏي تي ميزائل حملو ڪيو آهي.
پاسدارانِ انقلاب جو چوڻ آهي ته اردن جي الازرق فوجي اڏي تي ميزائل حملو ڪيو ويو، جتي چار اهم هدفن کي نشانو بڻايو ويو. انهن هدفن ۾ F-35 جهازن جا هينگر ۽ ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر شامل هئا.
پاسدارانِ انقلاب موجب حملي ۾ ڊگهي فاصلي تائين مار ڪندڙ ميزائل استعمال ڪيا ويا. ان کان علاوه ڪويت ۾ موجود علي السالم فوجي اڏي تي پڻ ڊرون حملو ڪيو ويو.
ٻئي طرف ڪويتي فوج جو چوڻ آهي ته سندن فضائي دفاعي نظام دشمن جي حملن کي ناڪام بڻائي رهيو آهي.