آمريڪا جو ايران ۾ تنصيبات تي حملو، جوابي ڪارروائي ۾ پاسدارانِ انقلاب جو آمريڪي هوائي اڏن کي ميزائلن سان نشانو بڻائڻ جي دعويٰ

فہرستِ مضامین

تهران، واشنگٽن: (ويب ڊيسڪ) آمريڪا دعويٰ ڪئي آهي ته اڄ صبح سوير ايران جي گوروڪ ۽ قشم ٻيٽ تي موجود ريڊار تنصيبات کي نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته پاسدارانِ انقلاب آمريڪي حملي جي جواب ۾ خطي ۾ موجود آمريڪي هوائي اڏن تي ميزائل حملا ڪيا.

آمريڪي سينٽ ڪام موجب آمريڪي جهازن مبينا طور تي ايران طرفان موڪليل 4 ڊرونز جي جواب ۾ ڪارروائي ڪئي، ۽ سڀئي ايراني ڊرون تباهه ڪيا ويا.

آمريڪي سينٽ ڪام دعويٰ ڪئي آهي ته آبنائي هرمز ۽ خليجي ملڪن ڏانهن فائر ڪيل ڪيترائي بيلسٽڪ ميزائل ۽ ڊرون به روڪيا ويا، جڏهن ته انهن حملن ۾ ڪنهن به آمريڪي اهلڪار کي نقصان نه پهتو.

آمريڪي فوج جي مرڪزي ڪمان هڪ وڊيو پڻ جاري ڪئي آهي، جنهن بابت چيو ويو آهي ته ان ۾ گوروڪ ۽ قشم ٻيٽ تي موجود ايران جي ريڊار مرڪزن کي نشانو بڻائڻ جا منظر ڏيکاريا ويا آهن. سندن چوڻ موجب سامونڊي آمدرفت کي درپيش فوري خطري جي جواب ۾ اهي ڪارروايون ڪيون ويون.

ان کان اڳ سينٽ ڪام دعويٰ ڪئي هئي ته ايران طرفان آبنائي هرمز ڏانهن موڪليل چار خودڪش ڊرون به ڪيرائي تباهه ڪيا ويا.

ٻئي پاسي ايراني خبر ايجنسي موجب آبنائي هرمز جي ويجهو آمريڪي بحري جهازن جي موجودگي تي وارننگ فائر ڪيا ويا ھئا.

ايراني پاسدارانِ انقلاب جو چوڻ آهي ته آمريڪي حملي جي جواب ۾ خطي ۾ موجود آمريڪي فوجي اڏن کي نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته 4 تيل کڻندڙ ٽينڪرن تي به فائرنگ ڪئي وئي، جيڪي بنا اجازت آبنائي هرمز پار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا.

پاسدارانِ انقلاب خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪي ڪارروايون جاري رهيون ته آبنائي هرمز کي مڪمل طور بند ڪيو ويندو، ۽ ان جي مڪمل بندش جي ذميواري آمريڪا تي هوندي.

آمريڪي فوج موجب ايران 7 ميزائل فائر ڪيا، جن مان 6 کي روڪي تباهه ڪيو ويو، جڏهن ته ستون ميزائل پنهنجي حدف تائين پهچي نه سگهيو.

ڪويت جي سرڪاري نيوز اداري “ڪونا” ھٿياربند فوجن جي حوالي سان رپورٽ ڏني آهي ته ڇنڇر ڏينهن ڪويت جو فضائي دفاعي نظام حملا ڪندڙ ميزائلن ۽ ڊرونز کي روڪڻ ۾ مصروف رهيو.

آمريڪي فوج اعلان ڪيو آهي ته “ڊاوينا” نالي هڪ بغير جهنڊي وارو تيل بردار جهاز، جنهن تي پابنديون لاڳو آهن، کي بحرِ هند ۾ روڪي تلاشي ورتي وئي.

ٻئي طرف بحرين جي گهرو وزارت اعلان ڪيو آهي ته خطري جا سائرن وڄايا ويا آهن ۽ ملڪ ۾ فضائي الرٽ جاري ڪيو ويو آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں