واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران سڀ ڪجھ ڏيڻ لاءِ تيار آھي، جڏهن ته هو ايران خلاف اسرائيلي فوجي حملن ۾ گهٽتائي آڻڻ ۾ ڪامياب رهيو آهي.
اسرائيلي چينل 12 سان ڳالهائيندي ٽرمپ ٻڌايو ته ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ علائقي جي پنجن ملڪن ساڻس رابطو ڪري اسرائيلي وزيراعظم تي دٻاءُ وجهڻ جي درخواست ڪئي هئي. هن چيو ته نيتن ياهو سان رابطو ڪري صاف لفظن ۾ چيو ته هو نه نئين جنگ چاهي ٿو ۽ نه ئي اهڙي ڪنهن ڪارروائي لاءِ گرين سگنل ڏئي سگهي ٿو.
آمريڪي صدر وڌيڪ چيو ته هن نيتن ياهو کي واضح ڪري ڇڏيو هو ته جيڪڏهن ايران خلاف جنگ شروع ٿي ته هو پاڻ کي ميدان ۾ اڪيلو ڏسندو.
انٽرويو دوران ٽرمپ چيو ته وچ اوڀر جي پنجن مختلف ملڪن ساڻس رابطو ڪيو ۽ اسرائيلي وزيراعظم تي ايران خلاف حملا روڪرائڻ لاءِ دٻاءُ وجهڻ جي درخواست ڪئي. انهن ملڪن کي سخت ڳڻتي هئي، اهي ان معاهدي جا حامي آهن جنهن بابت اسان ڳالهيون ڪري رهيا آهيون.
ايگزيئوس ۽ اسرائيلي چينل 12 موجب، ٽرمپ اها دعويٰ پڻ ڪئي ته ايران طرفان اهڙا پيغام موصول ٿيا آهن جن ۾ تهران حملن جي روڪ لاءِ راضپو ظاهر ڪيو، شرط اهو آهي ته اسرائيل به پنهنجون فوجي ڪارروايون بند ڪري.
ٽرمپ چيو ته حملن جي ڏي وٺ کان پوءِ ڌرين کي ٻيهر سفارتڪاري جي رستي تي موٽڻ گهرجي ته جيئن تهران ۽ واشنگٽن وچ ۾ ڳالهين هيٺ هلندڙ معاهدي کي حتمي شڪل ڏئي سگهجي.
آمريڪي صدر اها اڳڪٿي پڻ ڪئي ته آمريڪا ايندڙ ٻن هفتن اندر ايران تي مڪمل فتح جو اعلان ڪري سگهي ٿو. سندس چوڻ هو ته ايراني ڳالهين وارا اسان کي هر قسم جي رعايت ڏيڻ لاءِ تيار آهن.
سي بي ايس موجب، ٽرمپ ڏکڻ ڪيرولينا مان ريپبلڪن سينيٽر لنڊسي گراھم ۽ رياست جي گورنري جي اميدوار پاميلا اوٽ جي حمايت ۾ ٽيليفون ريلي دوران چيو ته توهان واقعي ايندڙ ٻن هفتن اندر هڪ وڏي فتح ڏسڻ وڃي رھيا آھيو. جڏهن اسان مڪمل فتح جو اعلان ڪنداسين ته اها مڪمل ڪاميابي هوندي، ۽ اهو تمام جلد ٿيڻ وارو آهي. ان سان گڏ تيل جون قيمتون به نمايان طور گهٽجي وينديون.
واضح رهي ته صدر ٽرمپ گذريل ڪيترن ئي مهينن دوران آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ تڪرار جي جلد خاتمي بابت اهڙيون اڳڪٿيون بار بار ڪندو رهيو آهي. فيبروري جي آخر ۾ جنگ شروع ٿيڻ کان پوءِ به هو ڪيترائي ڀيرا چئي چڪو آهي ته بحران ڪجهه هفتن ۾ ختم ٿي سگهي ٿو، پر اڃا تائين اهو واضح ناهي ته تهران ۽ واشنگٽن وچ ۾ ڳالهيون ڪهڙي مرحلي ۾ آهن ۽ ٻئي ڌريون ڪنهن حتمي معاهدي جي ڪيترو ويجهو آهن.