نائب وزيراعظم ۽ پرڏيھي وزير اسحاق ڊار چيو آھي تہ آبنائي ھرمز مان پاڪستاني پرچم بردار وڌيڪ 20 جھازن کي گذرڻ جي اجازت ملي وئي آھي.
سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ اسحاق ڊار جو چوڻ ھو تہ روزانو 2 جھاز آبنائي ھرمز پار ڪندا.
اسحاق ڊار آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس، آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو، آمريڪي خاص نمائندي اسٽيُو وِٽڪوف ۽ ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي کي پنهنجي پوسٽ ۾ ٽيگ ڪندي لکيو تہ ايران جو هي قدم ڀليڪار جوڳو ۽ سٺو اڳڀرو قدم آهي، جنهن جي ساراهہ ٿيڻ گهرجي۔
اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته هي اڳڀرائي خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ جو سٺو شروعاتي قدم آهي، ۽ هي مثبت اعلان امن ڏانهن هڪ اهم اڳڀرائي آهي جيڪا گڏيل ڪوششن کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندي۔
هن وڌيڪ چيو ته ڳالهين، سفارتڪاري ۽ ڀروسي جي تعمير ئي اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي۔…