آمريڪي اخبار دعويٰ ڪئي آھي تہ صدر ٽرمپ ايران خلاف جنگ ختم ڪرڻ جو خواھشمند آھي، انھي حوالي سان ھن پنھنجي صلاحڪارن کي ٻڌايو آھي.
آمريڪي اخبار ٽرمپ انتظاميہ جي عھديدار جي حوالي سان دعويٰ ڪئي آھي تہ ٽرمپ پنھنجي صلاحڪارن کي ٻڌايو آھي تہ ھو آبنائي ھرمز کولرائڻ کانسواءِ جنگ ختم ڪرڻ چاھي ٿو.
آمريڪي اخبار جي رپورٽ موجب صدر ٽرمپ آبنائي ھرمز کولرائڻ جو آپريشن بعد ۾ ڪرڻ جو خواھشمند آھي.
ياد رھي تہ آمريڪي صدر معاھدو نہ ٿيڻ ۽ آبنائي ھرمز نہ کولڻ جي صورت ۾ايران جي بجلي پيدا ڪندڙ ڪارخانن، تيل جي کوھن ۽ پاڻي صاف ڪرڻ وارن پلانٽس کي تباھ ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني ھئي……..