آءِ ايم ايف ۽ پاڪستان وچ ۾ اسٽاف ليول معاھدو طئي، 1 ارب 20 ڪروڙ ڊالر جي قسط ملڻ جو رستو آسان

فہرستِ مضامین

آءِ ايم ايف۽ پاڪستان وچ ۾ اسٽاف ليول معاهدو طئي ٿي ويو آهي، جنهن کانپوءِ ملڪ لاءِ اهم مالي مدد جو رستو کلي ويو آھي.

آءِ ايم ايف موجب ايگزيڪيوٽو بورڊ جي منظوري کانپوءِ پاڪستان کي توسيعي فنڊ سهولت تحت هڪ ارب ڊالر، جڏھنتہ ريزيلينس اينڊ سسٽين ايبلٽي فيسليٽي تحت 21 ڪروڙ ڊالر تائين پھچ حاصل ٿيندي۔

اداري جو چوڻ آهي تہ ٻنهي پروگرامز تحت مجموعي ادائيگيون لڳ ڀڳ 4.5 ارب ڊالر تائين پهچي وينديون، جڏھن تہ حتمي منظوري بعد ئي پاڪستان کي اها رقم جاري ڪئي ويندي۔

آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي تہ پاڪستاني حڪومت مالي خسارو گهٽائڻ لاءِ پرعزم آهي، مهانگائي تي ضابطو اچي رھيو آهي، ٽيڪس نظام ۾ سڌارا جاري آهن ۽ معيشت آهستي آهستي سڌاري طرف وڌي رھي آهي۔…..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں