آءِ ايم ايف وفد جي ايندڙ مھيني آمد جو امڪان، ايف بي آر جي ڪمزور ڪارڪردگي چئلينج بڻيل

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: آءِ ايم ايف وفد پاران ايندڙ مهيني پاڪستان اچڻ جو امڪان آهي، جتي هو نئين مالي سال جي بجيٽ تياري ۽ ملڪ جي اهم معاشي هدفن تي تفصيلي ڳالهيون ڪندو۔

ذريعن موجب، آءِ ايم ايف لاءِ سڀ کان وڏو چئلينج ايف بي آر جي ڪمزور ڪارڪردگي هوندي، ڇاڪاڻ⁠تہ ٽيڪس هدف بار بار پورا نہ ٿيڻ سبب اداري بابت ڳڻتي برقرار آهي۔

آءِ ايم ايف جو وفد ٽيڪس ڄار وڌائڻ ۽ آمدني ۾ اضافي لاءِ دٻاءُ برقرار رکندو، ان سلسلي ۾ ڊجيٽل ٽيڪس نظام لاڳو ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو ويندو تہ جيئن ٽيڪس اوڳاڙي ۾ بهتري اچي۔

ان کانسواءِ توانائي شعبي ۾ سڌارا، گردشي قرض گهٽائڻ جي حڪمت عملي ۽ بجلي ۽ گيس جي اگهن ۾ ترتيب بابت پڻ مشاورت جو امڪان آهي۔

آءِ ايم ايف وفد سان گڏ نجڪاري پروگرام ۽ سرڪاري ادارن جي سڌارن بابت معاملا بہ غور هيٺ ايندا، ان سان گڊ گورننس، شفافيت ۽ ڪرپشن خلاف قدمن تي بہ ڌيان ڏنو ويندو۔

ذريعن موجب ايندڙ جائزي ۾ ڪارڪردگي جي بنياد تي آءِ ايم ايف طرفان نئين قسط جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويندو، جڏڏھن تہ هدف پورا نہ ٿيڻ جي صورت ۾ وڌيڪ شرطون لاڳو ٿيڻ جو امڪان پڻ موجود آهي۔……

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں