آءِ ايم ايف جي شرط پوري، اربين ڊالرن جي درآمدي ڊيٽا ۾ بي ضابطگيون ختم، انگ اکر اپڊيٽ

فہرستِ مضامین

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ): عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي شرط پوري ڪرڻ لاءِ پاڪستان بيورو آف اسٽيٽسٽڪس (PBS) درآمدي انگن اکرن ۾ موجود اربين ڊالرن جون بي ضابطگيون دور ڪري ڊيٽا کي ماهوار ۽ سالياني بنيادن تي نظرثاني کان پوءِ اپڊيٽ ڪري ڇڏيو آهي.

رپورٽ موجب درآمدي ڊيٽا ۾ ڪجهه عرصي دوران لڳ ڀڳ 30 ارب ڊالر تائين جو فرق سامهون آيو هو، جنهن جي درستگي ۽ ٻيهر ڳڻپ لاءِ آءِ ايم ايف پاڪستان کان تفصيلي جائزو وٺڻ جو مطالبو ڪيو هو.

پي بي ايس پاران تيار ڪيل جامع رپورٽ ناڻي واري وزارت ڏانهن موڪلي وئي آهي، جيڪا هن وقت رپورٽ جو جائزو وٺي رهي آهي. اختيارين موجب رپورٽ آگسٽ جي آخر تائين عوام آڏو آڻڻ جو امڪان آهي.

درآمدي انگن اکرن ۾ فرق سامهون اچڻ کان پوءِ پاڪستان جي مختلف ادارن وچ ۾ ڊيٽا کي ملائڻ ۽ درست ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو ويو. رپورٽ موجب پاڪستان سنگل ونڊو ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن پڻ ڊيٽا جي بي ضابطگين کي ختم ڪرڻ واري عمل ۾ حصو ورتو.

آءِ ايم ايف جي تازي جائزي ۾ پڻ پاڪستان کي هدايت ڪئي وئي هئي ته 2020ع کان 2025ع تائين جا نظرثاني ٿيل ماهوار درآمدي انگ اکر ۽ انهن جي وضاحتون آگسٽ 2026ع جي آخر تائين جاري ڪيون وڃن.

رپورٽ موجب درآمدي انگن اکرن ۾ هن وڏي پيماني تي نظرثاني جو ملڪ جي مجموعي قومي پيداوار (GDP) جي انگن تي به اهم اثر پئجي سگهي ٿو، جنهن سبب حڪومت نظرثاني ٿيل ڊيٽا کي مختلف معاشي شعبن جي حساب ڪتاب ۾ شامل ڪري رهي آهي.

حڪومت جي هن قدم جو مقصد درآمدي انگن اکرن ۾ شفافيت، درستگي ۽ مختلف سرڪاري ادارن جي ڊيٽا وچ ۾ هم آهنگي پيدا ڪرڻ آهي، جڏهن ته آءِ ايم ايف پروگرام تحت پاڪستان لاءِ درست ۽ قابلِ اعتماد معاشي انگ اکر فراهم ڪرڻ کي خاص اهميت حاصل آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں