آءِ ايم ايف جو پيٽرول ۽ سولر تي 18 سيڪڙو جي ايس ٽي لڳائڻ جو مطالبو

فہرستِ مضامین

 آءِ ايم ايف پاڪستان حڪومت کان پيٽروليم شين ۽ سولر سسٽم تي 18 سيڪڙو جي ايس ٽي لڳائڻ جو مطالبو ڪيو آهي، جنهن کان پوءِ انهن شين جي وڌيڪ مهانگي ٿيڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي۔

ذريعن موجب، آءِ ايم ايف ايندڙ مالي سال 2026-27ع جي وفاقي بجيٽ لاءِ ٽيڪس وصولين جو هدف وڌائي 15,600 ارب رپيا رکڻ جي تجويز ڏني آهي، جيڪو موجوده هدف کان لڳ ڀڳ 1600 ارب رپيا وڌيڪ آهي۔

ذريعن جو چوڻ آهي تہ هن وقت پيٽروليم شين تي جي ايس ٽي بڙي (زيرو) سيڪڙو آهي، پر آءِ ايم ايف ان تي 18 سيڪڙو ٽيڪس لڳائڻ چاهي ٿو، سولر سسٽم استعمال ڪندڙن تي به 18 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز آهي، نون گهرن تي ملندڙ ٽيڪس رعايت ختم ڪرڻ جو به مطالبو ڪيو ويو آهي.

واپارين ۽ ڪاروبار لاءِ تجويزون

آءِ ايم ايف ننڍا ڪاروبار ڪندڙ  واپارين تي اثاثن جي بنياد تي ٽيڪس لڳائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ان طريقي سان ٽيڪس نيٽ وڌائڻ ۾ مدد ملندي.

ٽيڪس وصولين جي صورتحال

 (ايف بي آر) موجب  هلندڙ سال جو ٽيڪس هدف 14,131 ارب مان گهٽائي 13,979 ارب ڪيو ويو، ان باوجود 8 مهينن ۾ 428 ارب رپين جو شارٽ فال ٿيو، پهرين 9 مهينن ۾ اهو شارٽ فال 600 ارب رپين تائين وڌڻ جو خدشو آهي مارچ مهيني ۾ هن وقت تائين 865 ارب رپيا وصول ٿيا آهن، جڏهن ته هدف 1367 ارب رپيا آهي۔

سبب ۽ حڪومتي موقف

حڪومتي ترجمان  موجب عالمي حالتن ۽ جنگ سبب درآمدات متاثر ٿيون آهن، تيل مهانگو ٿيڻ ڪري ڪاروباري سرگرميون گهٽ ٿيون آهن،  ناڻي واري وزارت جو چوڻ آهي تہ نئين بجيٽ کان اڳ آءِ ايم ايف سان وڌيڪ ڳالهيون ڪيون وينديون، پيٽرول ۽ بجلي (سولر) ٻنهي جا خرچ وڌندا، عام ماڻهن تي مهانگائي جو وڌيڪ بار پوندو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں