ڀارتي ٽي وي ۽ فلمي اداڪار ڪرن واهي پاڪستاني اداڪارھ ڪنزا هاشمي جي تعريف ڪندي کيس بارڊر پار پنهنجي پسنديده اداڪارھ قرار ڏئي ڇڏيو.
ڪرڻ واهي انسٽاگرام تي سوال ۽ جواب واري سيشن دوران هڪ مداح جي سوال جو جواب ڏيندي چيو ته ڪنزا هاشمي سندس پسنديده اداڪاره آهي ۽ سندس ڄاڻ سڃاڻ ۾ ايندڙ سڀ کان خوش اخلاق ماڻهن مان هڪ آهي.
ٻئي فنڪار ان کان اڳ ميوزڪ وڊيو ”ميري هو جائو“ ۾ گڏ ڪم ڪري چڪا آهن، جنهن ذريعي ٻنهي فنڪارن وچ ۾ سرحد پار سهڪار ٿيو هو.
ميوزڪ وڊيو ۾ ٻنهي جي آن اسڪرين ڪيمسٽري کي پڻ مداحن پاران ساراهيو ويو هو.
ان دوران هڪ مداح جڏهن ڪرڻ واهي کان پاڪستان اچڻ بابت سوال ڪيو ته هن دلچسپ انداز ۾ جواب ڏنو ته جڏهن مون کي پاڪستان جو ويزا ڏنو ويندو، تڏهن مان پاڪستان ايندس.
ڪنزا هاشمي بابت ڪرڻ واهي جي تعريف کانپوءِ اها ڳالهه سوشل ميڊيا تي به ڌيان جو مرڪز بڻجي وئي، جتي مداحن ٻنهي ملڪن جي فنڪارن وچ ۾ دوستاڻن لاڳاپن ۽ هڪ ٻئي لاءِ احترام کي ساراهيو.